ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي صورتحال تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي صورتحال تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس جي شروعات ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ٻارڻ جي …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي صورتحال تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب اجلاس جي شروعات ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي مستحڪم ۽ تسلي جوڳي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت به پيٽروليم شين لاءِ هدفي سبسڊي نظام کي آسان بڻائڻ لاءِ تجويز ڪيل فني حل تي جامع بريفنگ ڏني جنهن ۾ شفافيت ۽ موثر رسد تي خاص ڌيان ڏنو ويو. صوبائي قيادت موجوده صورتحال ۽ پاليسي آپريشنز تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي برقرار رکڻ تي وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٻارڻ جي بچت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ طرز عمل ۾ تبديلي جي اهميت تي زور ڀريو. پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب پنجاب حڪومت جي نمائندگي ڪندي بدليل پيٽروليم قيمتن جي روشني ۾ ڪيترين ئي پاليسين جو منظر نامو تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته عالمي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي کي موثر طريقي سان صارفين تائين پهچائڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بحران جي انتظام ۾ روياجاتي پاسن کي شامل ڪرڻ نهايت اهم آهي ته جيئن وڌ کان وڌ پائيدار استعمال جي رجحانن کي يقيني بڻائي سگهجي. خيبرپختونخوا جي ناڻي واري وزير مزمل اسلم، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب  ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم سپلائي جو انتظام خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر رهيو آهي. بلوچستان جي معدني وسيلن ۽ ناڻي واري وزير مير شعيب نوشيرواني به اجلاس ۾ پنهنجو موقف پيس ڪيو. فنانس ڊويزن شرڪت ڪندڙن کي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مالي گنجائش محدود آهي ۽ وڌيڪ پيٽروليم ليوي سان حاصل ٿيندڙ آمدني تائين محدود آهي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ڪنهن به رليف قدمن کي معاشي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ محتاط انداز ۾ تربيت ڏيڻو پوندو. پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير چيوته موجوده صورتحال کي رڪاوٽ بدران ساختي سڌارن جي موقعن طور ڏسڻ گهرجي، هن ٽيڪس نظام ۽ سبسڊي جي ڊزائين ۾ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن شفافيت، ڪارڪردگي ۽ هدفي رليف کي يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۽ مالياتي احتياط کي برقرار رکندي عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو، ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده صورتحال کي رڪاوٽ بدران ڍانچاجاتي سڌارا ڪرڻ جو موقعو سمجهڻ گهرجي.

مزید خبریں