صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران نيپال جي نئين چونڊيل وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري نيپال جي نئين وزيراعظم باليندر شاهه کي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي صدر مملڪت چيو ته نوجوان قيادت کي خطي جو رخ مقرر ڪندي ڏسڻ حوصلي وارو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ نيپال سان سمورن …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري نيپال جي نئين وزيراعظم باليندر شاهه کي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي صدر مملڪت چيو ته نوجوان قيادت کي خطي جو رخ مقرر ڪندي ڏسڻ حوصلي وارو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ نيپال سان سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.

مزید خبریں