وزيراعظم سان ڪويت جي ولي عهد جو ٽيليفونڪ رابطو، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي حمايت

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح کي وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو آهي جڏهن ته ڪويت جي ولي عهد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شبهاز شريف کي …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح کي وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن تي اعتماد ۾ ورتو آهي جڏهن ته ڪويت جي ولي عهد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شبهاز شريف کي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح طرفان ٽيليفون ڪال آئي، گرمجوشي ۽ خوشگوار ڳالهين دوران وزيراعظم کي ڪويت تي ٿيل حملن جي مذمت ۽ مشڪل حالتن ۾ ڪويت جي عوام سان گڏ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. هن قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڪويت قيادت کي وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. ڪويت جي ولي عهد وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي. هن موجوده بحران ۾ ڪويت سان گڏ پاڪستان جي حمايت تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. هن ڪويت جي قيادت جي نالي وزيراعظم جي تازي يڪجهتي جي اظهار جي خط تي به ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ حالتون بهتر ٿيندي ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم ولي عهد جو ٿورو مڃيندي خاطري ڪرائي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.

مزید خبریں