اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلين شاهه کي راشٽريه سوئنترا پارٽي جي چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي کانپوءِ نيپال جي نئين وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايڪس تي جاري ڪيل مبارڪن واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان نيپال سان ڊگهي مدي ۽ دوستي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته اسان اوهان سان ويجهي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيپال جي نئين چونڊيل وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلين شاهه کي راشٽريه سوئنترا پارٽي جي چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي کانپوءِ نيپال جي نئين وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايڪس تي جاري ڪيل مبارڪن واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان نيپال سان ڊگهي مدي ۽ دوستي وارن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته اسان اوهان سان ويجهي سهڪار ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي اڳيان وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.











