پاڪستان نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جو گڏجڻ ضروري آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته  پاڪستان هن وقت نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي، موجوده معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جو گڏجڻ ضروري آهي، سمورين سياسي پارٽين کي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪندي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ۾ 11 هين پاڪستان فٽ ويئر ميٽيريل اينڊ مشينري شو 2026ع …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته  پاڪستان هن وقت نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهي، موجوده معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم جو گڏجڻ ضروري آهي، سمورين سياسي پارٽين کي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪندي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ۾ 11 هين پاڪستان فٽ ويئر ميٽيريل اينڊ مشينري شو 2026ع جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾  پاڪستان فوٽ ويئر مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي چيئرمين، ڪنوينر، آرگنائيزر سميت ڏيهي ۽ پرڏيهي صنعتڪارن، واپاري تنظيمن ۽ ڪاروباري برادري جي نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي فوٽ ويئر انڊسٽري قومي معيشت ۾ اهم حيثيت رکي ٿي، ان قسم جي نمائشن ذريعي نه رڳو مقامي صنعتڪار بين الاقوامي سپلائرز سان جڙندا آهن پر جديد مشينري، ميٽيريلز ۽ ٽيڪنالاجي جي تعارف سان گڏوگڏ نئين سيڙپڪاري ۽ برآمدي موقعن کي پڻ هٿي ملندي. هن پاڪستاني ڪمپنين جي معيار، هنرمندي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪندي يقين ڏياريو ته حڪومت ان شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن ۾ شيلڊ ورهايا ويا، سينيٽ چيئرمين مختلف اسٽالن جو دورو ڪري مصنوعات جي معيار جي واکاڻ ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ذميوار رياست آهي ۽ ماضي ۾ ڏکين حالتن دوران ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن پنهنجي گاڏي جي خريداري بابت جاري پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو ته اها خريداري 25-2024ع ۾ مڪمل طور تي قانوني طريقيڪار تحت ڪئي وئي ۽ سينيٽ چيئرمين ۽ اپوزيشن ليڊر لاءِ گاڏين جي فراهمي هڪ باقاعده پاليسي موجب ٿيندي آهي. ايران آمريڪا جنگ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته دنيا ۾ امن قائم ٿئي ۽ ان لاءِ پاڪستان هر ممڪن جدوجهد جاري رکندو. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي معيشت کي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان پڻ ان سبب متاثر ٿيو آهي، اهڙين حالتن ۾ قوم کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں