اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري مهم تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري قدمن تي مڪمل طور تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيل بيان موجب چيئرمين جي هدايت تي عمل ڪندي سيڪريٽريٽ پنهنجي خرچن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ فوري قدم طور 26 ڪروڙ 50 لک روپيا …
سينيٽ چيئرمين جو حڪم، ڪفايت شعاري مهم تحت 26 ڪروڙ 50 لک روپيا قومي خزاني ۾ جمع

مزید خبریں
اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اعلان ڪيل ڪفايت شعاري مهم تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري قدمن تي مڪمل طور تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ٿيل بيان موجب چيئرمين جي هدايت تي عمل ڪندي سيڪريٽريٽ پنهنجي خرچن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ فوري قدم طور 26 ڪروڙ 50 لک روپيا ناڻي واري وزارت جي حوالي ڪري ڇڏيا ته جيئن اها رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي سگهجي، جڏهن ته ايندڙ هفتن ۾ غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ذريعي وڌيڪ بچت جي نشاندهي لاءِ پڻ قدم جاري آهن ته جيئن اضافي رقم پڻ قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي سگهجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ اهم آئيني ادارو هجڻ جي ناطي موجوده معاشي حالتن ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي اهميت کي سمجهي ٿو ۽ ملڪي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، هن چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ سان لاڳاپيل شعبن کي پڻ هدايت ڪئي وئي اهي ته اهي ڪفايت شعاري جي حوالي سان هدايتن تي سختي سان عمل ڪن جن ۾ غير ضروري خرچ گهٽ ڪرڻ، آپريشنل خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ دستياب وسيلن جو اثرائتو استعمال شامل آهي، ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته پارلياماني معاملن، قانونسازي جي ذميوارين ۽ پارلياماني نگراني جو نظام مڪمل طور تي اثرائتي انداز ۾ جاري رهي. هن چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ شفاف ۽ جوابدهي تي ٻڌل مالياتي طريقيڪار کي برقرار رکندي عوامي وسيلن جي تحفظ ۽ پارلياماني معاملن جي اثرائتي انجام دهي کي يقيني بڻائيندو رهندو.











