اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن، او آءِ سي، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائٽس واچ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺن ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ عملي قدم کڻن. پاڪستان حڪومت آسيه …
حريت اڳواڻن آسيه اندرابي، فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي قيد جي سزا مذمت جوڳي آهي، فيصلو رد ڪريون ٿا: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن، او آءِ سي، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائٽس واچ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺن ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ عملي قدم کڻن. پاڪستان حڪومت آسيه اندرابي کي عمرقيد، جڏهن ته فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي 30-30 سال قيد جي سزا جي ڀرپور مذمت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، ڏاڍ، گرفتاريون ۽ ڊگهيون سزائون ڪشميري عوام جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. ڪشميري عوام ماضيءَ ۾ به قربانيون ڏنيون آهن ۽ آئينده به پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. اهڙو اظهار هن ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته هڪ نهايت سنگين ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال تي ڳالهه ڪرڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون جيڪو نه صرف ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ پوري خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سينيئر حريت اڳواڻ آسيه اندرابي کي عمرقيد ۽ انهن جي ساٿي اڳواڻن کي 30-30 سال قيد جي سزائن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هي فيصلو انصاف جي بنيادي گهرجن، عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته اهي سزائون دراصل سياسي انتقام ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجون غير قانوني پاليسيون برقرار رکڻ لاءِ عدالتي نظام کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي جنهن سان اُتي جي عدالتن جي غير جانبداريءَ تي سنجيده سوال اُٿن ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 1989ع کان هن وقت تائين انگ اکرن موجب ان ظلم جي شدت واضح ٿئي ٿي جنهن ۾ 96 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا ويا، 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي يا تشدد جو شڪار ٿيا. 22 هزار کان وڌيڪ عورتون بيوه ٿيون، 11 هزار کان وڌيڪ عورتون زيادتيءَ جون شڪار ٿيون. هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿيا، لکين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، اهي انگ اکر صرف انگ ناهن پر هر هڪ جي پُٺيان هڪ انساني الميو لِڪل آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي جڏهن ڀارت غير قانوني قدمن ذريعي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي. مواصلاتي نظام بند ڪيو ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اظهار جي آزادي، اچ وڃ ۽ معلومات تائين رسائي جهڙا بنيادي حق ختم ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي ڀرپور حمايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن سميت هر عالمي پليٽ فارم تي ڪشميرين جو آواز بڻجي دنيا کي ان پُراڻي تڪرار جي شدت کان آگاهه ڪيو. امير مقام مطالبو ڪيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.











