پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سان جاپاني پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي ملاقات

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ سان جاپاني پرڏيهي وزارت جي عملدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ويسٽ ايشيا ڊويزن بابت ڊائريڪٽر ماسا ڪاتسو موروٽاني ۽ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ايازڪو شيميزو شريڪ هئا. وفاقي وزير پارلياماني معاملن واري وزارت آمد تي عملدارن جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن، انهن کي …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ سان جاپاني پرڏيهي وزارت جي عملدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ويسٽ ايشيا ڊويزن بابت ڊائريڪٽر ماسا ڪاتسو موروٽاني ۽ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ايازڪو شيميزو شريڪ هئا. وفاقي وزير پارلياماني معاملن واري وزارت آمد تي عملدارن جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پُراڻا لاڳاپا آهن، انهن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ جاپاني حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. جاپاني عملدارن وفاقي وزير جي ريمارڪس کي ساراهيندي چيو ته ٻئي ملڪ هر شعبي ۾ تعاون جو سلسلو جاري رکندا ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ گڏيل طور اڳتي وڌندا. وفاقي وزير خطي ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان ان حوالي سان ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي رضامنديءَ سان پاڪستان بامعنيٰ ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي ميزباني ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ته جيئن موجوده تڪرار جو جامع حل نڪري سگهي. اها ان ڳالهه جي علامت آهي ته پاڪستان ان جنگ کي روڪرائڻ لاءِ رضاڪاراڻي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جاپاني عملدارن جو چوڻ هو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جاپان به ان جنگ کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته موجوده معاشي صورتحال کان جلد نجات ملي.

مزید خبریں