صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شرڪت

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽن ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ معيشت ۽ توانائي جي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽن ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ معيشت ۽ توانائي جي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، توانائي ۽ پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري شامل هئا. اجلاس ۾ عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جي فراهمي ۽ قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي پاڪستان جي معيشت تي اثرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مهانگائي جي دٻاءُ کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن اجلاس کي بريفنگ ڏني ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ، ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جي ٻين شعبن تي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪفايت شعاري قدمن جي ذريعي خرچن جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وسيع تر علائقائي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي جنهن ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي، معاشي منظرنامي ۽ غذائي تحفظ تي ان جي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته قومي سطح تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ پاليسي فيصلن ۾ استحڪام کي ترجيح ڏيندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڀرندڙ علائقائي چئيلنجز جي ڏس ۾ قومي اتفاق راءِ برقرار رکڻ ۽ اداراجاتي هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معاشي نظم ۽ ضبط، توانائي منصوبابندي، غذائي تحفظ ۽ مجموعي سيڪيورٽي رخن کي هم آهنگ رکڻ لازمي آهي ته جيئن ان مشڪل صورتحال جو موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ عوامي آگاهي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو ته جيئن ٻارڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي، عوامي ٽرانسپورٽ جي استعمال جي فروغ ۽ گڏيل سفري نظام (شيئرڊ رائيڊز) کي اختيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.

مزید خبریں