ڪوبه سياسي ليڊر پاڪستان کان وڏو نه آهي، ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائڻ ناقابل برداشت آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوبه سياسي ليڊر پاڪستان کان وڏو نه آهي، ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائڻ ناقابل برداشت آهي، پاڪستان جي خلاف مهم هلائيندڙ عنصر ۽ انهن جا سهولتڪار بي نقاب ٿي چڪا آهن. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وچ اوڀر …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوبه سياسي ليڊر پاڪستان کان وڏو نه آهي، ملڪ جي وقار کي نقصان پهچائڻ ناقابل برداشت آهي، پاڪستان جي خلاف مهم هلائيندڙ عنصر ۽ انهن جا سهولتڪار بي نقاب ٿي چڪا آهن. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو ثالث جي طور تي اهم ڪردار سامهون آيو آهي، پاڪستان کي هڪ ذميوار ملڪ سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي مڃرايو آهي ۽ اڄ دنيا ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته پاڪستان هر سطح تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان ڀارت شديد بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ پاڪستان جي اڀرندڙ تشخص ۽ وڌندڙ اهميت کان ان کي تڪليف ٿي آهي جڏهن ته ڀارتي ميديا به پنهنجي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته جتي ڀارت پاڪستان جي ڪاميابين کان شديد پريشان آهي اتي جنيوا اجلاس ۾ پڻ افسوسناڪ اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي. باني پي ٽي آءِ جي پٽ قاسم خان اتي وڃي تقرير ڪئي، پي ٽي آءِ ملڪ دشمني ۾ ايترو اڳتي هلي وئي آهي جو هن اڳ ۾ آءِ ايم ايف کي چيو ته پاڪستان کي سپورٽ نه ڪيو وڃي ۽ هاڻي پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو عارف آجاڪيه جهڙي غدار سان ملاقات ڪن ٿا. پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ زلفي بخاري جي عارف آجاڪيه سان ملاقات جون تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زلفي بخاري اڳ ۾ عارف آجاڪيه سان ملاقات ڪري ٿو ۽ بعد ۾ چوي ٿو ته هو ان کي نه ٿو سڃاڻي. هن چيو ته عارف آجاڪيه برطانيا ۾ پاڪستان جي خلاف مهم هلائي ٿو ۽ ان کي سدائين پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪندي ڏٺو ويو آهي جڏهن ته زلفي بخاري اينڊ ڪمپني پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ ملوث آهي. پوري دنيا ڏسي ورتو آهي ته عارف آجاڪيه سان سندس ڪڙيون ملن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته جيترو اهي پاڪستان جي خلاف سازش ڪندا ملڪ ايترو ئي مضبوط ٿيندو ۽ ترقي ڪندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ڪيڏانهن ويون اهي نوڪريون ۽ 50 لک گهر، انهن پنهنجي دور ۾ ملڪ کي شديد نقصان پهچايو. وفاقي وزير چيو ته هن ملڪ ۾ سياست ٿيندي رهي آهي ۽ مون مخالف ڌر کي چيو آهي ته توهان حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪريو، جڏهن اسان مخالف ڌر ۾ هئاسين ته جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هئي اسان به ان جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئاسين پر هڪ فرق واضح رهڻ گهرجي ته پاڪستان جو مفاد سڀ کان مٿانهون آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ هو، هن کي ڪشمير ۽ فلسطين جي حوالي سان اجلاسن ۾ گهرايو ويو، هو شريڪ ٿيو پر ان وقت جو وزيراعظم عمران احمد نيازي ان جي ڪري انهن اجلاسن ۾ نه آيو ته مخالف ڌر اڳواڻ اتي ويٺل هوندو. هن چيو ته قومي مفاد سدائين مٿانهون هوندو آهي ۽ ڪابه سياسي پارٽي يا سياسي ليڊر پاڪستان کان وڏو نه ٿو ٿي سگهي. هن ملڪ اسان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، اهي سڀ عهدا، پارٽيون ۽ جيترو ڪجهه آهي اهو سڀ پاڪستان جي ڪري آهي. هن چيو ته جڏهن قومي مفاد کي پٺتي وجهي ذاتي مفاد کي مٿانهون رکيو وڃي ته ان کان ڪڌي حرڪت ڪا ٻي نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته معرڪه حق جي فتح کانپوءِ اسان جي سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي پر هڪ سياسي پارٽي ملڪ جي خلاف پروپئگنڊه ڪرڻ ۽ ملڪ جي پاليسين کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ وڏن وڏن سياستدانن قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان کپي جا نعرا هنيا ويا آهن پر ڪڏهن به پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ شخصيت پرستي ۽ انا پرستي ۾ مبتلا آهي، اها رستن تي چار ماڻهو نه ٿي ڪڍي سگهي، اها پارٽي گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي، اهي پاڻ کي ٺيڪ نه ڪري سگهيا ته ملڪ جون پاليسيون ڇا ٺاهيندا، ملڪ جي خلاف مهم هلائڻ تي انهن کي شرم اچڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي جي ٻنهي پٽن کي پاڪستان جو شهري هجڻ ۽ نائيڪوپ جي ذريعي پاڪستان اچڻ تي شرمندگي ٿي رهي آهي جڏهن ته اسان کلي دل سان چيو ته توهان پاڪستان اچو، اسان پاڻ انهن کي ڀليڪار چونداسين پر انهن کي نائيڪوٽ جي ذريعي پاڪستان اچڻ قبول نه آهي، ڇا حب الوطني جي گهرج نه آهي ته توهان نائيڪوپ تي سفر ڪري پاڪستان اچو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن سدائين چيو ته انهن جو ليڊر پاڪستان کان وڏو آهي، اهو نه آهي ته ڪجهه نه آهي، انهن آءِ ايم ايف کي خط لکيا، آءِ ايم ايف کي اپيل ڪئي ته پاڪستان کي بيل آئوٽ پئڪيج نه ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي، اهي ملڪ کي ڊيفالٽ ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهيندا هئا، انهن جي پنهنجي ليڊر جي واتان به اهو نڪتو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي پر الحمدالله پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪيو. ايف بي آر جي ريفارمز جي حوالي سان پاڪستان جي معاشي ماڊل کي ورلڊ بئنڪ جي اجلاس ۾ هڪ ڪامياب ماڊل جي طور تي پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو پوءِ به نه مُڙيا انهن 2024ع ۾ ڪال ڏني ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽ واپس ورتو وڃي ته جيئن برآمد ڪندڙن کي نقصان پهچي. هن چيو ته جڏهن اسان ٻاهرئين ملڪ وڏي وڏي دڪانن ۾و ڃون ٿا ته ”ميڊ اِن پاڪستان“ جو ٽيگ ڏسي دل کي تسلي ٿئي ٿي جڏهن ته اهي ماڻهو چاهيندا هئا ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس ورتو وڃي ته جيئن برآمد ڪندڙن کي نقصان پهچي، فيڪٽريون بند ٿي وڃن ۽ ماڻهو بيروزگار ٿين. هن چيو ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺو، انهن جي سازشن سان پاڪستان کي ڪو نقصان نه پهچندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس تان ڪڏهن به اسرائيل جي مذمت نه ڏٺي وئي، اسرائيل جي ڪنهن هڪ قدم جي انهن مذمت نه ڪئي. هن چيو ته بلوچ نيشنل موومينٽ جو نسيم بلوچ شدت پسندي کي سپورٽ ڪري ٿو، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي خوش ٿئي ٿي ۽ بلوچستان شرانگيزي ڦهلائڻ ۾ ملوث آهي ۽ هي ماڻهو انهن سان گڏ ويٺل آهن. عطاءُالله تارڙ چيو ته اسان هن ملڪ جي ڪري آهيون ۽ هن ملڪ تي سئو ڀيرا اسان جي جان قربان، هن ملڪ اسان کي عزت، وقار ۽ تحفظ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن جي سمورين سازشن جي باوجود مضبوط رهندو، اهي سئو ڀيرا ڪوشش ڪري وٺن پاڪستان کي نقصان نٿا پهچائي سگهن. انهن جو مڪروهه چهرو پوري دنيا ڏسي چڪي آهي. هن چيو ته ڪو محب وطن پاڪستاني انهن جي ان ڪڌي حرڪت جي حمايت نه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قاسم خان جتي رهي ٿو ۽ جن جي تربيت ۾ آهي ان سان اسان جو ڪو واسطو نه آهي، زيڪ گولڊ سمٿ اسرائيل کي فنڊنگ ڪري ٿو، قاسم خان جي والد جي ڪا هڪ ٽوئيٽ ڏيکاريو جنهن ۾ هن غزه جي معاملي تي اسرائيل جي مذمت ڪئي هجي. هن چيو ته اهي ڪڏهن به اسرائيل جي مذمت نه ڪندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽريٽجڪ رابطا هر سطح تي ٿين ٿا، پرڏيهي آفيس، دفاع واري وزارت ۽ وزيراعظم هائوس جا عالمي سطح تي رابطا ٿيندا رهندا آهن، مختلف سطحن تي سفارتڪاري ۾ جيڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ان کي ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ ۾ تحريڪ انصاف بطور سياسي پارٽي موجود نه آهي، پاڪستان جي موجوده قانونن موجب پي ٽي آءِ جي سياسي حيثيت ختم ٿي چڪي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي حوالي سان به اسان جي نيڪ نيتي رهي آهي جنهن طرز جي سياست اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن اها ناقابل قبول آهي. توهان حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري سگهو ٿا پر ملڪ جي سالميت ۽ مفاد کي داءُ تي نه ٿا لڳائي سگهو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي پروين شاڪر جو شعر پڻ پڙهيو ”تهمت لگاڪي مان (وطن) پر جو دشمن سي داد لي، ايسي سخن فروش ڪو مرجانا چاهئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي حڪومت مڪمل طبي سهولت فراهم ڪئي آهي، باني پي ٽي آءِ کي ڪو سيريس مسئلو نه آهي ۽ ان جي اک ٺيڪ ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزارت بعد ۾ آهي، سڀ کان پهرين پاڻ کي پاڪستاني سمجهان ٿو ۽ بطور پاڪستاني منهنجي ذميواري هئي ته حقيقتون سامهون آنديون وڃن، پوري قوم کي ٻڌائڻ ضروري هو ته اهي ماڻهو ڇا ٿا چاهين. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو تاريخ ۾ سدائين زندهه رهندو. ايران ۽ فلسطين جي حوالي سان آواز اٿارڻ، سفارتي سطح تي توازن قائم رکڻ ۽ دوست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ پاڪستان جي ڪردار جو حصو آهي جڏهن ته پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار اسرائيل جي نمائندي کي جنهن انداز ۾ جواب ڏنو اهو به تاريخ جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جي ايس پي پلس جي حوالي سان مشن پاڪستان آيو هو ۽ انهن کي سمورين شين کان آگاهه ڪيو ويو.

مزید خبریں