اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۽ نار فارس جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان جو سفارتي هدف ثالثي ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ واضح آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳ ۾ ئي …
پاڪستان وچ اوڀر ۽ نار فارس جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۽ نار فارس جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان جو سفارتي هدف ثالثي ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ واضح آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳ ۾ ئي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت يا ميزباني جي لاءِ پنهنجو راضپو ظاهر ڪري چڪو آهي. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه بابت غيرتصديق ٿيل خبرن تي قياس آرائيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪنهن به امڪاني ڳالهه ٻولهه جي وقت ۽ جڳهه جا تفصيل حتمي هجڻ کانپوءِ شيئر ڪيا ويندا. ترجمان چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جڏهن ته پاڪستان امن ۽ استحڪام جي مسلسل وڪالت ڪندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ سفارتي رابطن جي قيادت ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي مختلف اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به پنهنجي هم منصبن سان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته سفارتڪاري ۾ رازداري ۽ صبر ضروري هوندو آهي. هن ان ڏس ۾ سمورين ڌرين خاص طور تي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته اها ذميواري جو مظاهرو ڪري ۽ غيرتصديق ٿيل معلومات جي تشهير کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۽ نار فارس ۾ موجوده صورتحال کي گهٽ ڪرڻ، دشمن جي خاتمي ۽ پرامن حل طرف اڳڀرائي جي لاءِ علائقائي ڌرين سان متحرڪ انداز ۾ رابطي ۾ آهي. ترجمان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي علائقائي اڳواڻن سان تازن رابطن جا تفصيل ٻڌائيندي ترجمان چيو ته وزيراعظم ڪيترن ئي مسلمان اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب جو ولد عهد محمد بن سلمان، ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان، اردن جو شاهه عبدالله، آذربائيجان جو صدر الهام عليوف، ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم، ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف، مصر جو صدر عبدالفتاح السيسي، بنگلاديش جو وزيراعظم طارق رحمان، لبنان جو وزيراعظم نواف سلام، بحرين جو شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ۽ انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو شامل آهن. ترجمان چيو ته وزيراعظم انهن اڳواڻن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران نار فارس جي خطي جي سنگين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن مسلمان امت ۾ اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ علائقائي امن جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي خاطري ڪرائي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پڻ پوري هفتي دوران ڀرپور سفارتي سرگرمين ۾ حصو ورتو. ترجمان وڌيڪ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي علائقائي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 18 مارچ تي رياض ويو. اجلاس ۾ آذربائيجان، بحرين، مصر، اردن، ڪويت، لبنان، قطر، شام، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا وزير پڻ شريڪ ٿيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان تڪرار جي هڪ وڏي ڌر آهي ڇو ته ان تي به حملا ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ڪوششون سعودي عرب سان ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي تحت ڪيون پيون وڃن. ترجمان ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشميري عورت اڳواڻن آسيه اندرابي، فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي فوري طور تي آزاد ڪري. ترجمان ڀارتي خصوصي عدالت پاران انهن کي ٻڌايل سزا جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته آسيه اندرابي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين کي 30، 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ترجمان انهن سزائن کي سياسي طور تي محرڪ ۽ انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو.











