آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهه ٻولهه جو عمل پاڪستان جي ذريعي جاري آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهه ٻولهه جو عمل پاڪستان جي ذريعي جاري آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهه ٻولهه جو عمل پاڪستان جي ذريعي جاري آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي خاتمي جي لاءِ امن ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ميڊيا ۾ غيرضروري قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن، حقيقت ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڻ سڌي ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي ذريعي پيغامن جي مٽاسٽا جي صورت ۾ جاري آهي. هن چيو ته ان ڏس م آمريڪا 15 نقطا شيئر ڪيا آهن جن تي ايران غور ڪري رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ مصر سميت ٻيا ملڪ به ان قدم جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان امن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.

مزید خبریں