حيدرآباد -13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي زرعي ۽ معاشي بقا لاءِ لائيف لائين جي حيثيت رکي ٿو پاڻي اسان جي بقا ۽ زندگي آهي ڀارت کي ڪڏهن به ان حوالي سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي …
سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي زرعي ۽ معاشي بقا لاءِ لائيف لائين جي حيثيت رکي ٿو: اڳوڻو سينيٽر نهال هاشمي

مزید خبریں
حيدرآباد -13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان جي زرعي ۽ معاشي بقا لاءِ لائيف لائين جي حيثيت رکي ٿو پاڻي اسان جي بقا ۽ زندگي آهي ڀارت کي ڪڏهن به ان حوالي سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نعمان آرائين پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي (اي پي پي) سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ان معاهدي تحت خطي جي ملڪن جي وچ ۾ دريائن جي پاڻي جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بنايو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ قيادت خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي جيو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول تحت پاڻي جي ورڇ جو نظام قائم ڪيو ته جيئن پاڪستان ، ڀارت ۽ ان وقت اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) سميت خطي جي عوام کي برابر پاڻي جي سهوليت ميسر رهي. نهال هاشمي چيو ته پاڻي جي اثرائتي استعمال جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف ڊيم ۽ آبي ذخيرا تعمير ڪيا ويا آهن جن ۾ منگلا ڊيم سميت ٻيا منصوبا شامل آهن جڏهن ته عالمي بينڪ کي معاهدي تي عملدرآمد جي ضمانت لاءِ شامل ڪيو ويو هو ته جيئن ڪنهن به ڌر طرفان معاهدي جي خلاف ورزي نه ٿئي. هن چيو ته ڀارت طرفان ڪجهه آبي منصوبا پاڪستان جي اڳواٽ مشاورت ۽ منظوري کانسواءِ تعمير ڪيا پيا وڃن جنهن تي پاڪستان عالمي سطح تي لاڳاپيل فورمن تي ۽ ادارن آڏو پنهنجا تحفظات رکندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي پاڪستان جي زراعت ، معيشت ۽ عوامي زندگي لاءِ اهميت رکي ٿو ۽ ان معاملي تي قومي مفادن جو هر سطح تي تحفظ ڪيو ويندو. هن زور ڏنو ته پاڻي جي مسئلي کي ڳالهين ۽ بين الاقوامي قانونن موجب حل ڪيو وڃي ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ بدران استحڪام ۽ امن کي هٿي ملي.











