ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن، صوبائي اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي مقامي سطح تي منتقلي، انفراسٽرڪچر سيس تڪرار جي حل لاءِ فريم ورڪ، ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ، ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ زمين جي استعمال ۾ تبديلي، انڊس ڊيلٽا ۾ محفوظ ٻيلن جي …
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس، اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن، ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ، ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ زمين جي استعمال ۾ تبديلي، لاڙڪاڻي ۾ وڏي فروٽ ۽ سبزي منڊي جي قيام ۽ خاص عدالتي مقررين جي توثيق جي منظوري

مزید خبریں
ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن، صوبائي اي-اسٽيمپنگ سسٽم جي مقامي سطح تي منتقلي، انفراسٽرڪچر سيس تڪرار جي حل لاءِ فريم ورڪ، ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ، ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ زمين جي استعمال ۾ تبديلي، انڊس ڊيلٽا ۾ محفوظ ٻيلن جي ايراضي ۾ واڌ، پوليس حد بندين جي نئين سر ترتيب، لاڙڪاڻي ۾ وڏي فروٽ ۽ سبزي منڊي جي قيام ۽ خاص عدالتي مقررين جي توثيق جي منظوري ڏني وئي۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب اوورسيز پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن اوورسيز پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بورڊ آف ريونيو، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي، سنڌ رجسٽريشن (ترميمي) بل 2025ع ڪابينا اڳيان پيش ڪيو. تجويز ڪيل ترميم تحت پاڪستاني سفارت خانن ۽ مشنز ۾ آن لائن سيل ڊيڊ جاري ڪرڻ جي دائري کي وڌايو ويندو۔ سنڌ رجسٽريشن ايڪٽ 1908ع جي سيڪشن 38 ۾ ترميم بعد اوورسيز پاڪستانين کي رجسٽريشن آفيسن ۾ ذاتي حاضري کان ڇوٽ حاصل ٿيندي۔ توثيق جو عمل نادرا سان ڳنڍيل اي-رجسٽريشن سسٽم ذريعي ڪيو ويندو جنهن تحت آڱرين جا نشان ۽ چهري جي سڃاڻپ جي سهولت ڪنهن به سب رجسٽرار آفيس يا پيپلز سروس سينٽر ۾، دائري اختيار جي پابندي کان سواءِ، دستياب هوندي. ڪابينا صوبائي اي-اسٽيمپنگ سسٽم کي پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ کان سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني ڏانهن منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني. ايس آءِ ٽي سي سان پنجن سالن جو ماسٽر سروس ايگريمينٽ تجويز ڪيو ويو جنهن تحت ماهوار سروس چارجز 70 لک رپيا هوندا ۽ هر سال 10 سيڪڙو واڌ ٿيندي. مستقبل ۾ ايس آئي ٽي سي طرفان موبائل ايپ، پيپر ليس اسٽيمپ ڊيوٽي، قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان لنڪنگ ۽ ٽو فيڪٽر آٿنٽيڪيشن جهڙيون اپ گريڊيشنون شامل ڪيون وينديون۔ هي سسٽم ڊي ايڇ اي، سي ڊي سي ۽ انشورنس ڪمپنين سميت وڏن ادارن سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن صوبائي آمدني حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير چيو ته اهي فيصلا صوبائي انتظاميه کي جديد بڻائڻ ۽ قانوني ۽ فني سڌارن ذريعي ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ بابت حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ ٽريفڪ ڀڃڪڙين جي چالانن (اي-ٽڪيٽن) جي تيز تر فيصلي لاءِ ڪابينا صوبي ڀر ۾ ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني. هي قدم صوبائي موٽر ويھيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2025ع ۾ شامل نئين شق تحت کنيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشاورت بعد هر ضلعي ۾ موجود ڪنزيومر ڪورٽن کي ٽريفڪ ڪورٽس جا اختيار ڏنا ويندا جنهن سان نيون عدالتي عمارتون تعمير ڪرڻ کان سواءِ ٽريفڪ ڪيسن جا تڪڙا ۽ اثرائتا فيصلا ممڪن ٿي سگهندا. ڊگهي عرصي کان هلندڙ قانوني تڪرار جي حل لاءِ ڪابينا سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بابت جامع تصفيي واري تجويز تي غور ڪيو. وڏي وزير ٻڌايو ته هن تجويز تحت لڳ ڀڳ 342 ارب رپيا جيڪي هن وقت 635 عدالتي ڪيسن ۾ بينڪ گارنٽين جي صورت ۾ ڦاٿل آهن، انهن جو حل ڪڍيو ويندو. تجويز مطابق درخواست گذار پنهنجي مڃيل واجب الادا رقم جو 15 سيڪڙو ٽن مرحلن ۾ ادا ڪندا (جولاءِ 2026ع، آڪٽوبر 2026ع ۽ جولاءِ 2027ع)، جڏهن ته باقي رقم 12 برابر سالياني قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ڪابينا انهن نان پٽيشنرز لاءِ به ٽيڪس ريٽ 0.8 سيڪڙو تائين گهٽائڻ تي غور ڪيو جيڪي قانونن جي پابندي ڪن ٿا يا 30 مارچ 2026ع کان اڳ پنهنجي مڪمل واجب الادا رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هي شرح ٽن سالن بعد 0.85 سيڪڙو ٿي ويندي۔ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪسپورٽ فيسيلٽيشن اسڪيم تحت ري ايڪسپورٽس تي مڪمل ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل هئي. ڪابينا هن تجويز جي منظوري ڏئي ان کي صوبائي اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبو منصوبي جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ تعميراتي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) ريڊ لائين لاءِ زمين جي استعمال ۾ اهم تبديلي تي غور ڪيو۔ ڪابينا کان اڳوڻي علاءُالدين پارڪ (باغِ ڪراچي) جي 18 ايڪڙ زمين کي سطح زمين تي بس ڊپو طور استعمال ڪرڻ جي منظوري طلب ڪئي وئي۔ زيرِ زمين ڊپو بدران سطح زمين تي ڊپو قائم ڪرڻ سان منصوبي ۾ لڳ ڀڳ 4 ارب رپين جي بچت ۽ تعميراتي مدي ۾ نمايان گهٽتائي متوقع آهي. وڏي وزير سينيئر ٽرانسپورٽ وزير، مڪاني حڪومت جي وزير ۽ ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو شهر جي مفاد ۾ گڏجي ويهي هن معاملي تي فيصلو ڪن. اجلاس ۾ منصوبي جي ڪوريڊور روڊ جي ڪم جو به جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ فيبروري 2026ع جي آخر تائين سڀ يوٽيلٽي شفٽنگ مڪمل ڪندي جڏهن ته موسميات فلاءِ اوور ۽ نمائش انڊر پاس جهڙا اهم حصا مارچ 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ماحولياتي تبديلي سان مقابلي ۽ عالمي ماحولياتي ذميوارين جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کاتي محفوظ علائقن ۾ وڏي پيماني تي واڌ جي منظوري طلب ڪئي. تفصيلي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪابينا ضلعي سجاول ۾ 163902 هيڪٽر (405002 ايڪڙ) انٽرٽائيڊل زمين کي محفوظ ٻيلن قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته اهي علائقا سامونڊي طوفانن ۽ تيز لهرن خلاف قدرتي حفاظتي ديوار طور ڪم ڪن ٿا ۽ هتي ”بلو ڪاربان“ ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت اڀرندڙ ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ٽي کان پنج ڀيرا وڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي معيار موجب 25 سيڪڙو ٻيلن جي ايراضي هجڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت صرف 10 سيڪڙو ايراضي محفوظ يا ريزرو ٻيلن تي ٻڌل آهي۔ هن فيصلي سان انڊس ڊيلٽا ۾ اڳ ئي محفوظ 566298 هيڪٽر ايراضي ۾ نمايان اضافو ٿيندو۔ ڏوهن جي وڌندڙ شرح ۽ آبادي ۾ تبديلي کي نظر ۾ رکندي ڪابينا ڪجهه انتظامي تبديلين جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ ميرپورخاص ۾ واقع گھڙور شريف پوليس چوڪي کي مڪمل پوليس ٿاڻي جو درجو ڏنو ويو. هي فيصلو ڦلنڊيون پوليس ٿاڻي کان 22 ڪلوميٽر پري هجڻ ۽ علائقي ۾ وڌندڙ آبادي سبب ڪيو ويو. ان جي ابتڙ پوليس ٿاڻو ملاڪ کي پوليس چوڪي ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جيڪو هاڻي پوليس ٿاڻو ڪورائي (سب ڊويزن مورو، نوشهرو فيروز) جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندو. صالح پور ڪچو ۽ ملڪاني سميت پنج ديھون پوليس ٿاڻو ڪورائي جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪيون وينديون ته جيئن وسيلن جو مؤثر استعمال ٿي سگهي. سنڌ حڪومت زرعي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ مارڪيٽنگ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ فروٽ ۽ سبزي منڊي (منڊي) جي قيام جي منظوري ڏني جنهن تي اندازاً 4.8 ارب رپيا خرچ ايندو. منصوبي تحت منڊي جي چوڌاري مضبوط حفاظتي ڀت، جامع نيڪال جو نظام ۽ اسٽارم واٽر نالو ٺاهيو ويندو. ان کان علاوه انتظامي بلاڪ، طبي سهولت، واش روم، بينڪنگ سروسز ۽ گرين بيلٽ پڻ شامل هوندي ته جيئن واپارين ۽ آبادگارن کي منظم ۽ جديد ماحول فراهم ڪيو وڃي۔ وڏي وزير چيو ته هن منصوبي سان فصل کان پوءِ ٿيندڙ نقصان ۾ گهٽتائي، آبادگارن ۽ واپارين کي سهولت، ۽ لاڙڪاڻي سميت ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي۔ڪابينا سنڌ جي وڏي وزير طرفان اڳ ۾ منظور ڪيل سمري کان پوءِ ٻن سينيئر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جي خاص (ايڪس ڪيڊر) مقررين جي باضابطه توثيق ڪئي. جسٽس (ر) نوشاد علي مغل کي حيدرآباد ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل جو پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس (ر) رحمت الله کي سنڌ ريونيو بورڊ جي اپيليٽ ٽربيونل جو جوڊيشل ميمبر مقرر ڪيو ويو.











