سنڌ جي وڏي وزير پاران سترهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح

ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سترهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ۽ ادب کي هڪ اهڙي اهم قوت قرار ڏنو جيڪو سماج کي سمجھڻ، همدردي ۽ نازڪ حالتن ۾ استقامت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان کي 17 سالن تائين هن فيسٽيول کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ …

ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سترهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ۽ ادب کي هڪ اهڙي اهم قوت قرار ڏنو جيڪو سماج کي سمجھڻ، همدردي ۽ نازڪ حالتن ۾ استقامت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان کي 17 سالن تائين هن فيسٽيول کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي ويزن، عزم ۽ مستقل مزاجي جو مظاهرو قرار ڏنو. هن چيو ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول پاڪستان جي سڀني اهم ثقافتي ۽ فڪري پليٽ فارمن مان هڪ مضبوط ٿي چڪو آهي. هن سال جو موضوع “نازڪ دنيا ۾ ادب” جو حوالو ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته موجوده دور ماحولي دٻاءُ، عالمي غير يقيني جي صورتحال، تيز رفتاري سان ٽيڪنالاجي جي تبديلي ۽ سماجي پيچيدگين سان ڀرپور آهي. اهڙن حالتن ۾ ادب هڪ استحقامي ۽ انسانيت نواز ڪردار ادا ڪري ٿو، يادداشت محفوظ ڪري ٿو، همدردي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ معاشرن کي ثقافتي ۽ جاگرافيائي حدن کان ٻاهر سوچڻ ۽ ٻيهر جڙڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وڏي وزير جي امير ادبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته هن صوبي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز ۽ مرزا قليچ بيگ جهڙيون دائمي شخصيتون پيدا ڪيون آهن جن جا ڪم برداشت، تڪثيريت ۽ همدردي جو پيغام ڏئي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته اهي ڪردار رڳو تاريخ تائين محدود نه آهن پر اڄ جي دنيا ۾ انهن جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ڪراچي معاشي، فڪري ۽ ثقافتي سرگرمين جو هڪ متحرڪ مرڪز ٻيهر حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جهڙا پروگرام پاڪستان جي تخليقي، بااعتماد ۽ روشن سوچ کي عالمي سطح تي پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايل ايف ليکڪن، اڀرندڙ مصنفن، شاگردن ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ بامعنيٰ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو جتي اهي اهڙن خيالن سان جڙجي سگهن ٿا جيڪي فردي ۽ گڏيل مستقبل جي جوڙين ٿا. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪندي وڏي وزير چيو ته OUP جي اشاعت، تعليمي منصوبن ۽ KLF جي حمايت پاڪستان جي علمي ماحول کي مضبوط ڪيو آهي. وڏي وزير صوبائي حڪومت جي عزم کي ٻيهر ورجايو ۽ چيو ته سنڌ اهڙن ڪوششن جي حمايت جاري رکندو جيڪي تعليم، تخليق ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏين. آخر ۾ وڏي وزير لارڊ بائرن جي شعر جو حوالو ڏيندي لفظن جي دائمي طاقت کي اجاگر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول مستقبل ۾ پڻ سوچ، ڳالهين ۽ فھم کي پنهنجن حدن کان ڪٿي به متاثر ڪندو رهندو.