حيدرآباد-06 جنوري (اي پي پي)ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل خصوصي ٽيم هڪ ڪارروائي ڪري چئن ڦورن شجاع الدين لاکير، علي اڪبر لغاري، سجاد سومرو ۽ وسيم لغاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 14 جنوري تي سٽيزن ڪالوني مان آبپاشي کاتي جي آفيسر محمد علي شاهه جي گهر مان ڦر ڪيل 67 لک روپيه روڪ ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان جو چوڻ …
ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل خصوصي ٽيم پاران ڪارروائي، 4 ڦورو گرفتار

مزید خبریں
حيدرآباد-06 جنوري (اي پي پي)ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل خصوصي ٽيم هڪ ڪارروائي ڪري چئن ڦورن شجاع الدين لاکير، علي اڪبر لغاري، سجاد سومرو ۽ وسيم لغاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 14 جنوري تي سٽيزن ڪالوني مان آبپاشي کاتي جي آفيسر محمد علي شاهه جي گهر مان ڦر ڪيل 67 لک روپيه روڪ ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ٻن ساٿين سميع ۽ عامر جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ترجمان موجب سٽيزن ڪالوني مان ٿيل ڦر جو ڪيس ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن جي خلاف ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن جڏهن ته انهن جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي.











