ستين سي پي اي ايشيا ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد

ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي)ستين سي پي اي ايشيا ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي ، جتي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن پرڏيهه مان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران پارلياماني ڪانفرنس جي ٻيهر ميزباني فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ته 2012ع کانپوءِ پهريون …

ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي)ستين سي پي اي ايشيا ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي ، جتي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن پرڏيهه مان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران پارلياماني ڪانفرنس جي ٻيهر ميزباني فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ته 2012ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ڪنهن عالمي سطح جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهي آهي. سي پي اي ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته سي پي اي جي قيام کان وٺي ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبلي کي هي اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ ڌرتي هميشه مسافرن، واپارين ۽ سياحن کي ٻانھون کولي ڀليڪار ڪيو آهي. سنڌو درياهه واپار، رابطن ۽ تهذيب جي واٽن کي هموار ڪيو، جڏهن ته موهن جو دڙو ۽ مڪلي جا آثار هڪ شاندار تهذيب جي عڪاسي ڪن ٿا.اسپيڪر چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ امن، هم آهنگي ۽ انساني قدرن سان جُڙيل رهي آهي. هن زور ڀريو ته جمهوريت ڳالهين، برداشت ۽ اتفاقِ راءِ سان مضبوط ٿئي ٿي، جڏهن ته غربت، بک ۽ بيمارين خلاف گڏيل جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. اويس قادر شاهه چيو ته علائقي کي ماحولياتي تبديلي، ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي مضبوطي، ماحولياتي تحفظ ۽ جعلي خبرن جو مقابلو اهم موضوع آهن. عورتن کي آن لائن تشدد کان تحفظ ڏيڻ کي هن گڏيل ذميواري قرار ڏنو. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته دنيا هن وقت تڪرارن، غربت، بک، بيمارين ۽ ماحولياتي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، جڏهن ته مصنوعي ذهانت ۽ سوشل ميڊيا انساني سلامتي لاءِ نوان خطرا پيدا ڪيا آهن. سيد اويس قادر شاهه چيو ته سي پي اي ايشيا خطي ۾ ڳالهين جو واحد مؤثر پارلياماني فورم آهي، جيڪو جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال مئي ۾ پاڪستان خلاف ٿيل جارحيت جو هٿياربند فوج ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جڏهن ته آپريشن “بنيان المرصوص” ۾ پاڪستان جي فوج پيشيوراڻي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو. هن آخر ۾ چيو ته هي ڪانفرنس نه رڳو پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيندي، پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار لاءِ به اهم ثابت ٿيندي. سي پي اي جي چيئرپرسن ڪرسٽوفر ڪليلا افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پارلياماني سڌارن ذريعي اقليتن، معذورن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرسٽوفر ڪليلا چيو ته ٽيڪنالاجي تيزي سان انساني زندگي بدلائي رهي آهي، جنهن سبب پاليسين کي به وقت جي گهرجن مطابق تبديل ڪرڻ لازمي ٿي پيو آهي. سي پي اي چيئرپرسن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي جمهوري روايتن سان گڏ جدت کي اپنائڻو پوندو. هن زور ڀريو ته اختلافن کي ٽڪراءَ بدران گڏيل سهڪار، ڳالهين ۽ مضبوط لاڳاپن ذريعي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سي پي اي جهڙا فورم ملڪن ۽ پارليامينٽن وچ ۾ ويجهڙائپ، تعاون ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سي پي اي ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان مختلف ڪردار ادا ڪريون ٿا، جتي صوبن جي رهنمائي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اهم مددگار ثابت ٿين ٿا. هن زور ڏنو ته پارلياماني نظام ملڪ جي ترقي ۽ بهتري جو اهم سبب آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته سنڌ اسيمبلي هن تاريخي ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ تاريخي عمارت ۾ منعقد ٿي رهي آهي ۽ هتي جي ثقافت ۽ مهمان نوازي دل کي ڀائيندڙ آهي. هن ياد ڏياريو ته هن اسيمبلي جي تاريخي عمارت ۾ ملڪ جي قيام جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جڏهن ته ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم، جيڪا عالم اسلام ۾ به پهرين آهي، هتان کان آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن تاريخي اهميت رکي ٿو، ۽ هي ڪانفرنس پارلياماني نظام جي مضبوطي ۽ بهتر حڪمراني جا نوان رستا کولڻ جو سبب بڻجي ٿي. هن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ نوجوان قيادت پڻ شريڪ آهي، جيڪي نوجوانن جي سياست ۽ پارلياماني شراڪت جو مجموعو پيش ڪن ٿيون. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جهڙي اهم ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جمهوري ادارن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. سي پي اي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بروقت ۽ بامقصد فورم جي منعقد ٿيڻ تي ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن ۽ سنڌ صوبائي اسيمبلي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندس رهنمائي هيٺ اسيمبلي پارلياماني روايتن ۽ عالمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. شرجيل انعام ميمڻ زور ڀريندي چيو ته امن جمهوري ڪوششن کي هڪ لڙي ۾ پوئي ٿو ۽ پارليامينٽ ڳالهين ۽ اتفاقِ راءِ جا مرڪز هجڻ گهرجن، جڏهن ته سي پي اي جهڙا پليٽ فارمز امن ۽ علائقائي سهڪار لاءِ انتهائي اهم آهن. هن چيو ته هي ڪانفرنس جمهوري بحالي لاءِ گڏيل عزم جي علامت آهي ۽ ڪراچي چارٽر ڳالهه ٻولهه کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪندو. سي پي اي ڪانفرنس کي مالديپ جي پيپلز مجلس جي ڊپٽي اسپيڪر احمد ناظم خطاب ڪندي چيو آهي ته امن رڳو جنگ جي غير موجودگي جو نالو ناهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو جڏهن شهرين کي جمهوري ادارن تي مڪمل اعتماد هجي. هن چيو ته امن ۽ جمهوري اعتماد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ۽ شفاف، جامع ۽ جوابده ادارا جٽادار امن لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ادارن تي اعتماد گهٽجڻ سان سماج ۾ ورڇ، بيچيني ۽ آمريت جا لاڙا وڌن ٿا، جيڪو ڏکڻ ايشيا جهڙن علائقن لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن ٻڌايو ته مالديپ 2008ع ۾ پرامن طريقي سان گهڻ پارٽي جمهوريت ڏانهن منتقل ٿيو، جتي نئين آئيني پارليامينٽ (پيپلز مجلس) کي حڪمراني ۽ نگراني جو مرڪز بڻايو ويو.ڊپٽي اسپيڪر موجب ڏکڻ ايشيا ۾ سياسي ورڇ، اڻبرابري ۽ اعتماد جي کوٽ گڏيل مسئلا آهن، پر جڏهن پارليامينٽون عوامي مسئلن جا حل پيش ڪن ٿيون ته اهي استحڪام جو ذريعو بڻجن ٿيون. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو آهي ته کيس مصنوعي ذهانت بابت سنجيده خدشا آهن، ڇاڪاڻ⁠ته اها هڪ پاسي وڏو چئلينج آهي ته ٻي پاسي ترقي جو نئون موقعو به بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته اصل سوال اهو آهي ته ڇا قانون ساز ادارا انهن تيز رفتار تبديليُن لاءِ تيار آهن يا نه اسپيڪر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي طب جي شعبي ۾ نيون راهون کوليون آهن، صنعت ۾ جدت آئي آهي، جڏهن⁠ته تعليم جي شعبي ۾ به انقلابي تبديليون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. هن ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي ڪامياب ڪانفرنس ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مختلف ملڪن جي نمائندن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ قابلِ تعريف قدم آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن جي تسلسل کي برقرار رکڻ خوش آئند عمل آهي. هن چيو ته برطانوي هائوس آف ڪامنس جي ميمبر جي ڳالهه ٻولهه مان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، جڏهن⁠ته سريلنڪا جي نمائندي جا تجربا تڪرارن جي حل لاءِ نيون راهون ڏيکارين ٿا، جيڪي مستقبل لاءِ اهم رهنمائي فراهم ڪن ٿا. هن آخر ۾ چيو ته سي پي اي ڪانفرنس علمي تبادلي، باهمي سکيا ۽ پارلياماني تجربن جي ونڊجڻ جو هڪ مؤثر ذريعو ثابت ٿي آهي. برطانيا جي ايونِ بالا (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر پال ياو بوٽنگ سي پي اي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اعتماد جمهوريت جي بنياد آهي، جڏهن ته پارليامينٽون عوامي نمائندگي، جمهوري جواز ۽ ترقي جو مرڪزي ادارو آهن. هن زور ڀريو ته پارليامينٽن کي صرف تقريرن تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر عملي نتيجن ۽ اثرائتي عملدرآمد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن صحت، تعليم، صاف پاڻي ۽ صفائي، عدم مساوات ۾ گهٽتائي، پائيدار شهرن، موسمياتي قدمن ۽ زميني ۽ آبي حيات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي سفارش ڪئي . ملائيشيا جي ڪيلانٽن اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي جي اسپيڪر داتو سري امار دراجه ڊاڪٽر حاجي محمد امار بن عبدالله چيو آهي ته ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۽ ٻي گڏيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.هن پاڪستان جي پارليامينٽ، سنڌ اسيمبلي ۽ سي پي اي ايشيا سيڪريٽريٽ جي مهمان نوازي ۽ بهترين انتظامن تي ٿورا مڃيا. خطاب جي آخر ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پارلياماني ڪردار کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي.سي پي اي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سينيٽر رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ عالمي مهمانن جي آجيان ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ايشيا جي قديم ترين اسيمبلين مان هڪ آهي، جيڪا جمهوريت، رواداري ۽ پارلياماني قدرن جي علامت رهي آهي.سينيٽر رضا رباني چيو ته پارليامينٽن قانون سازي وسيلي سياسي شموليت وڌائي، بنيادي حقن کي مضبوط بڻائي ۽ صنفي برابري کي هٿي ڏئي سماجي هم آهنگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن زور ڀريو ته جمهوريت ۾ شموليت بنيادي حيثيت رکي ٿي، ۽ عورتن جي سياسي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪڏهن به مضبوط نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته پارلياماني ادارن ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترقي، سماجي استحڪام ۽ جمهوري تسلسل ۾ سيڙپڪاري جي برابر آهي. پارلياماني بحث اختلافن کي ادارتي شڪل ڏئي روڊن تي تڪرار جو امڪان گهٽايو آهي، جڏهن ته عوامي ٻڌڻين، پارلياماني ڪارروائين ۽ ميڊيا ذريعي شفافيت ادارن ۽ عوام وچ ۾ اعتماد بحال ڪيو آهي.سينيٽر رضا رباني ٻڌايو ته سينيٽ آف پاڪستان عوامي درخواستن جو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت هر شهري اي ميل ذريعي پنهنجي درخواست سينيٽ تائين پهچائي سگهي ٿو. ان سان گڏ “ڪميٽي آف دي هول” جو تصور پڻ آندو ويو آهي، جنهن ۾ عام شهري به ڪميٽين اڳيان پيش ٿي سگهن ٿا.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڳالهه ٻولهه وسيلي امن ۽ تعاون کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته تاريخي آئيني سڌارن ۾ پارلياماني اتفاق نمايان رهيو، خاص طور 18هين آئيني ترميم وفاقي توازن بحال ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪيو. 13 سالن کانپوءِ ستين اين ايف سي ايوارڊ جو اتفاق راءِ سان نفاذ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون جو مثال بڻيو، جنهن مان خاص طور بلوچستان کي فائدو پهتو.سينيٽر رضا رباني چيو ته پارلياماني ڪميٽين بين الجماعت رابطن کي وڌايو ۽ قومي معاملن کي تڪرار بدران ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جو ذريعو بڻيون.سينيٽر رضا رباني چيو ته آءِ پي يو ۽ ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن اعتماد، شموليت ۽ جدت وسيلي جمهوريت کي نئين سر بيان ڪرڻ تي زور ڏين ٿيون. پارليامينٽ تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۾ تبديل ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو جمهوري ادارو آهي، جيڪو خاص طور پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام جو پائيدار ذريعو بڻيو آهي.خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته پارلياماني بالادستي جي بحالي جمهوري اعتماد کي ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. آمراڻي دورن کانپوءِ پارليامينٽ عوام جي خواهشن سان رياست کي هم آهنگ ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻجي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد ئي ان اصول تي رکيل آهي ته طاقت عوام جي چونڊيل نمائندن ۽ ادارن وٽ هجي، ۽ سڀني صوبن ۽ سياسي قوتن جي شموليت سان پارليامينٽ قومي اتحاد جو مرڪز بڻجي اختلافن کي آئيني دائري ۾ حل ڪرڻ جو فورم فراهم ڪيو آهي.