ڪراچي-02 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليو فري سنڌ اسان جو مشن آهي ۽ هر سطح تي غفلت خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ مان پوليو جو خاتمو اجتماعي ذميواري ۽ صوبائي حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار آهي.اهڙو اظهار هن چنيسر ڳوٺ ۾ قائم گورنمينٽ گرلز اينڊ بوائز پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري …
پوليو فري سنڌ اسان جو مشن آهي ۽ هر سطح تي غفلت خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-02 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليو فري سنڌ اسان جو مشن آهي ۽ هر سطح تي غفلت خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ مان پوليو جو خاتمو اجتماعي ذميواري ۽ صوبائي حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار آهي.اهڙو اظهار هن چنيسر ڳوٺ ۾ قائم گورنمينٽ گرلز اينڊ بوائز پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي صوبي ۾ پوليو خلاف مهم جو باقاعده افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هڪ هفتي تي ٻڌل هي مهم 2 فيبروري کان 8 فيبروري تائين سڄي صوبي ۾ جاري رهندي. سيد مراد علي شاه ٻڌايو ته موجوده مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن هڪ ڪروڙ پنجاهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي گهر گهر وڃي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ان مقصد لاءِ سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 1490 يونين ڪائونسلن جي حدن اندر 89 لک گهرن جو دورو ڪيو ويندو. مهم لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر مقرر ڪيا ويا آهن. وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته يونين ڪائونسل سطح تي مهم جي سخت نگراني يقيني بڻائي وڃي ۽ ويڪسينيشن ٽيمن سان تعاون نه ڪندڙ ماڻهن يا گهرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن زور ڏنو ته پوليو خلاف جدوجهد ۾ والدين جو تعاون فيصلائتو آهي ۽ ڪو به ٻار ويڪسينيشن کان محروم نه رهڻ گهرجي. فرنٽ لائين ورڪرن جي سيڪيورٽي بابت وڏي وزير چيو ته پوليو ٽيمن جي تحفظ لاءِ 21 هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو پوليو ورڪر اسان جا هيرو آهن، انهن جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي. دوري دوران وڏو وزير ڪلاسن ۾ پڻ ويو جتي هن پاڻ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ انهن کي “پوليو ايمبيسڊر” قرار ڏنو. شاگردن کي خطاب ڪندي هن کين پنهنجي علائقن ۾ پوليو بابت آگاهي ڦهلائڻ جي تلقين ڪئي. سيد مراد علي شاه چيو ته هن وقت دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ، پاڪستان ۽ افغانستان، اهڙا آهن جتي پوليو موجود آهي جيڪا قوم لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا اسان جي ٻارن کي عمر ڀر جي معذوري کان بچائي سگهن ٿا ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير والدين تي زور ڏنو ته گهرن ۾ ايندڙ ويڪسينيشن ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ پوليو ٽيم نه پهچي ته والدين ويجهي بنيادي صحت مرڪز سان رابطو ڪن يا مقامي انتظاميا کي اطلاع ڏين ته جيئن ٻارن جي ويڪسينيشن يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته پوليو جي خاتمي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهڻ گهرجن جيستائين ماحولياتي نمونا وائرس کان پاڪ ثابت نه ٿين. هن ڊبليو ايڇ او جي تصديق جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته پوليو جا ڦڙا ڪنهن به بيماري جو سبب ناهن بڻجندا، ۽ مذهبي عالمن، استادن، چونڊيل نمائندن، سياسي اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن کي اپيل ڪئي ته والدين کي ٻارن جي ويڪسينيشن لاءِ قائل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ٻڌايو ته ميڊيا هائوسز جي مالڪن کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته هر ڪلاڪ ۾ پنج کان ڏهه سيڪنڊ پوليو آگاهي لاءِ مختص ڪيا وڃن. هن چيو هي قومي فرض آهي ۽ ان ۾ ميڊيا جو تعاون انتهائي اهم آهي. وڏي وزير ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، روٽري انٽرنيشنل ۽ سڀني ڀائيوار ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جلد هن موذي بيماري کان پاڪ ٿي ويندو. پوليو جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته والدين جو تعاون انتهائي ضروري آهي ۽ ويڪسينيشن جي ڪوششن ۾ ڪمي تازين ڪاميابين کي ضايع ڪري سگهي ٿي. هن ياد ڏياريو ته 2018ع ۾ سنڌ مان پوليو لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو هو پر نگران حڪومتن جي دور ۾ وقفي سبب 2019ع کان 2021ع دوران ڪيس ٻيهر وڌيا. مسلسل مهمن جي نتيجي ۾ 2025ع ۾ ڪيس گهٽجي 31 رهجي ويا آهن. هن پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ سنڌ جي عزم جو اعادو ڪندي چيو ته هي قومي ذميواري آهي جنهن ۾ سماج جي سڀني طبقن جي شرڪت ضروري آهي. آخر ۾ وڏي وزير عوامي صحت ۽ گورننس کي ڳنڍيندي چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مسلسل مهمون ۽ گڏيل ذميواري ضروري آهي. هن چيو هر مهم قومي فرض آهي. اسان سڀني کي ٻارن جي حفاظت ۽ سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.اسڪول پهچڻ تي وڏي وزير جو ڀليڪار وزير محنت سعيد غني، وزير تعليم سردار علي شاه، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي ۽ ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اي او سي) جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ ڪيو. ان موقعي تي عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او)، يونيسيف، روٽري انٽرنيشنل سميت عزيز ميمڻ ۽ ٻين ڀائيوار ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا.











