بيجنگ-27 جنوري(اي پي پي) چين ۽ بيلٽ اينڊ روڊ جي حصيدار ملڪن وچ سال 2025ع ۾ شين جي واپار جو ڳاڻيٽو 236 کرب يوآن تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي واپار واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين رياستي ڪائونسل جي اطلاعت آفيس جي اهتمام هيٺ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سال 2025ع ۾ چين ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي حصيدار ملڪن وچ ۾ شين جي واپار جو ڳاڻيٽو …
چين ۽ بيلٽ اينڊ روڊ جي حصيدار ملڪن وچ ۾ واپار جو ڳاڻيٽو 236 کرب يوآن تائين پهچي ويو

مزید خبریں
بيجنگ-27 جنوري(اي پي پي) چين ۽ بيلٽ اينڊ روڊ جي حصيدار ملڪن وچ سال 2025ع ۾ شين جي واپار جو ڳاڻيٽو 236 کرب يوآن تائين پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي واپار واري وزارت جي لاڳاپيل اختيارين رياستي ڪائونسل جي اطلاعت آفيس جي اهتمام هيٺ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سال 2025ع ۾ چين ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي حصيدار ملڪن وچ ۾ شين جي واپار جو ڳاڻيٽو 23.6 ٽرلين يوآن تائين پهتو جنهن ۾ هر سال جو 6.3 سيڪڙو جو اضافو آهي ۽ اهو مجموعي واپاري شرح سان 2.5 سيڪڙو پوائنٽس وڌيڪ آهي. سال 2025ع ۾ بيلٽ اينڊ روڊ حصيدار ملڪن ۾ چين جي غير مالياتي سڌيءَ ريت سيڙپڪاري 283.36 بلين يوآن تائين وڃي پهتي جيڪا 18 سيڪڙو جو اضافو آهي.اهڙي طرح گذريل سال ۾ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ جي شراڪتدار ملڪن ۾ ڪانٽريڪٽ شده منصوبن جو ڳاڻيٽو 1.1 ٽرلين يوآن تائين پهتو جنهن ۾ 9.6 سيڪڙو جو اضافو آهي. سڄي سال ۾ 20 هزار کان به وڌيڪ چين – يورپ مال بردار ريل گاڏيون هلايون ويون ۽ چين، ڪرغزستان، ازبڪستان ريلوي ۽ هنگري، سربيا ريلوي جهڙن منصوبن تي اهم اڳڀرائي ٿي. تاريخي منصوبن ۽ ننڍن پر خوبصورت معاشي ذريعن جي منصوبن سميت مختلف قسمن جي 700 کان وڌيڪ امدادي منصوبن تي عملدرآمد ڪيو ويو.











