نوڪ-24 جنوري (اي پي پي) ڊنمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن گرين لينڊ جي مقامي اختيارين جي سربراهه سان ملاقات لاءِ نوڪ پنچي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو دورو هڪ هفتي جي ڇڪتاڻ کانپوءِ آمريڪي صدر پاران ان خودمختيار ٻيٽ تي قبضي جي ڌمڪين تان هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪيو ويو. فريڊرڪسن برسلز مان آئي آهي جتي هن نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽ سان ملاقات ڪئي. هن ان ملاقات ۾ هن …
ڊنمارڪ جي وزيراعظم گرين لينڊ پهچي وئي

مزید خبریں
نوڪ-24 جنوري (اي پي پي) ڊنمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن گرين لينڊ جي مقامي اختيارين جي سربراهه سان ملاقات لاءِ نوڪ پنچي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو دورو هڪ هفتي جي ڇڪتاڻ کانپوءِ آمريڪي صدر پاران ان خودمختيار ٻيٽ تي قبضي جي ڌمڪين تان هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪيو ويو. فريڊرڪسن برسلز مان آئي آهي جتي هن نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽ سان ملاقات ڪئي. هن ان ملاقات ۾ هن سان ان نتيجي تي پهتي ته اتحاد لاءِ اتر قطب (آرڪٽڪ) جي خطي ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ ضروري آهي. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل روٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته اسان نيٽو جي سمورن ميمبرن جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان اتر قطب جي خطي ۾ دفاع ۽ جارحيت روڪڻ جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي سهڪار کي وڌيڪ وڌائينداسين.











