سعودي عرب ورلڊ اڪنامڪ فورم جي بين الاقوامي اجلاس جي ميزباني ڪندو

رياض-24 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب طرفان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي انتظام هيٺ سهڪار ۽ ترقي جي حوالي سان 2 ڏينهن واري بين الاقوامي اجلاس جي ميزباني جو اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس 22۽ 23 اپريل 2026ع تي جده ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب باضابطه طور سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56 هين سالياني اجلاس جي پڃاڻي تي ”گڏيل بنيادن جي جوڙجڪ …

رياض-24 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب طرفان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي انتظام هيٺ سهڪار ۽ ترقي جي حوالي سان 2 ڏينهن واري بين الاقوامي اجلاس جي ميزباني جو اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس 22۽ 23 اپريل 2026ع تي جده ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب باضابطه طور سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 56 هين سالياني اجلاس جي پڃاڻي تي ”گڏيل بنيادن جي جوڙجڪ ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ“ جي عنوان سان 2 ڏينهن واري اجلاس جي ميزباني جو اعلان ڪيو آهي. فورم جي پڃاڻي واري خطاب ۾ اقتصاديات بابت وزير عالمي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ مسلسل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ايندڙ اپريل ۾ جده ۾ ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم جي بين الاقوامي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.

مزید خبریں