ايران طرفان آمريڪا جي وڏي سامونڊي ٻيڙي جي روانگيءَ جي دعويٰ، چين جي ڌُرين کي صبر جي اپيل

بيجنگ-23 جنوري (اي پي پي) ايران طرفان وڏي سامونڊي ٻيڙي جي روانگي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي چين ردِعمل جو اظهار ڪندي ڌُرين تي زور ڀريو آهي ته هو صبر جو مظاهرو ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان کون نيوز بريفنگ دوران چئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايران قومي استحڪام برقرار رکندو. هن سمورن ڌُرين تي زور ڀريو ته …

بيجنگ-23 جنوري (اي پي پي) ايران طرفان وڏي سامونڊي ٻيڙي جي روانگي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي چين ردِعمل جو اظهار ڪندي ڌُرين تي زور ڀريو آهي ته هو صبر جو مظاهرو ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان کون نيوز بريفنگ دوران چئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايران قومي استحڪام برقرار رکندو. هن سمورن ڌُرين تي زور ڀريو ته هو امن جو قدر ڪن، صبر کان ڪم وٺن ۽ اختلاف کي ڳالهين ذريعي حل ڪن. واضح رهي ته آمريڪي صدر بيان ۾ چيو ته آمريڪا ايران طرف پنهنجي فوج رواني ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں