اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سينيٽ عوامي مفاد ۾ موثر قانونسازي جي ذريعي جمهوري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار نئين چونڊيل سينيٽر عابد شير علي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي …
سينيٽ عوامي مفاد ۾ موثر قانونسازي جي ذريعي جمهوري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سينيٽ عوامي مفاد ۾ موثر قانونسازي جي ذريعي جمهوري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار نئين چونڊيل سينيٽر عابد شير علي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سان گڏوگڏ سينيٽ جي معاملن ۽ قانونسازي جي عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽر عابد شير علي کي سينيٽ جي ميمبر جي حيثيت سان حلف کڻڻ تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عابد شير علي هڪ تجربيڪار سياستدان آهي جنهن جي سينيٽ ۾ شموليت سان نه رڳو ايوان جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي پر قانونسازي جي عمل ۾ پڻ ان جي وسيع تجربي مان ڀرپور فائدو کڻي سگهبو. ان موقعي تي سينيٽر عابد شير علي سينيٽ جا معاملا انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ تي سيد يوسف رضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ سينيٽ جي بهتري جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته اميد آهي ته اهڙي قانونسازي عمل ۾ آندي ويندي جنهن سان ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿيندو ۽ عام عوام جي زندگي جي معيار ۾ پڻ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي. سينيٽر عابد شير علي وقتي صدر جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽر شيري رحمان پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئي.











