اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ ان کي دنيا جي 20 وڏين معيشتن (جي-20) ۾ شامل ڪرڻ هدف آهي، حڪومت جو ڌيان قرضن ۾ گهٽتائي، توانائيءَ جي شعبي ۾ مالي استحڪام ۽ سرڪاري ادارن جي رائيٽ سائزنگ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي …
سيڙپڪاريءَ لاءِ سڌارا اڻٽر، ڊيوٽيز ۽ ڪاروباري لاڳت ۾ به گهٽتائي ڪرڻي پوندي: پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احسن اقبال، مصدق ملڪ، محمدعلي ۽ ٻين جو خطاب
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ ان کي دنيا جي 20 وڏين معيشتن (جي-20) ۾ شامل ڪرڻ هدف آهي، حڪومت جو ڌيان قرضن ۾ گهٽتائي، توانائيءَ جي شعبي ۾ مالي استحڪام ۽ سرڪاري ادارن جي رائيٽ سائزنگ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، نجڪاري واري وفاقي وزير محمدعلي، واپار وارو وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪيو. پاليسي ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري ڪائونسل (پي آر اي سي) ۽ ڪارپوريٽ پاڪستان گروپ جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ رٿيل پاڪستان پاليسي ڊائلاگ منعقد ڪيو ويو. ” Correcting Course: Pakistan’s Economic Reset“ جي عنوان سان رٿيل ايونٽ لاءِ باني ڀائيوارن ۽ واپار واري وزارت ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽڊاپ) کي بئنڪ الفلاح، بئنڪ اسلامي ۽ نٽ شيل گروپ جو سهڪار حاصل هو. وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سڌارن، اثرائتي ٽيڪس پاليسي ۽ شفاف نظام اڻٽر آهي، ادارن جي بندش جو مقصد سبسڊيز ۾ موجود ڪرپشن جو خاتمو آهي، سرڪاري ادارن ۾ هر سال هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جيتري ڊيوٽيز وڌائي وڃي ٿي، اها معيشت لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿئي ٿي. ان لاءِ ڊيوٽيز کي معقول بڻائڻ ۽ ڪاروباري لاڳت گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، قرضن تي وياج جي ادائگي حڪومت جو سڀ کان وڏو خرچو آهي جڏهن ته گذريل سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 850 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي، هلندڙ سال جون تائين سموريون حڪومتي ادائگيون ڊجيٽل چينلز تي منتقل ٿي وينديون، غير بئنڪنگ ماڻهن کي باقائده مالياتي نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 78 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽيرف سڌارن ذريعي ڪچي مال تي ڊيوٽيز گهٽ ڪيون پيون وڃن، ٽيرف ۾ گهٽتائيءَ سان پاڪستان جي روانگي واپار ۽ صنعتي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي، صنعتن کي ملندڙ ڊگهي مُدي واريون مراعتون ختم ڪري کين عالمي مارڪيٽ جي قابل بڻايو ويندو، حڪومتي سڌارن جو مقصد ملڪي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي، روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت طرف وڃڻ لاءِ ٽيرف جو نئين سر تعين ڪرڻ اڻٽر آهي. حڪومت ايندڙ 2 هفتن ۾ پانڊا بانڊز لانچ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت 18 مهينن ۾ 350 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ ڪئي، جڏهن ته ان عرصي ۾ 28 عالمي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، قرضن جي ادائگيءَ ۾ پاڻمرادو گهٽتائي ناهي آئي پر ان لاءِ قدم کنيا ويا آهن. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هدف جي اندر آهي، جيتوڻيڪ واپاري خسارو وڌيو آهي جڏهن ته خدمتن جي شعبي ۾ تيز رفتار ترقي ڏسڻ ۾ آئي. پرڏيهه مان آيل ناڻو هاڻي معيشت جو مستقل ۽ پائيدار حصو بڻجي چڪو آهي، گذريل مالي سال پرڏيهه مان آيل ناڻو 38 ارب ڊالر هو جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران 41 ارب ڊالرن کان چڙهي ويو آهي، نئين روانگي واپار وارين اسڪيمن تحت 2.8 ارب ڊالرن جي واڌ متوقع آهي، جيڪا پاڪستان جي مجموعي روانگي واپار جو تقريبن 10 سيڪڙو بڻجي ٿي. ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستان لاءِ فائديمند آهي، ريڪوڊڪ جو روانگي واپار 2028ع ۾ شروع ٿيندو. پاڪستان تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، او آءِ سي سي آءِ موجب 73 سيڪڙو سيڙپڪار پُراميد آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي هاڪاري رُخن کي اجاگر ڪيو وڃي. ايس آءِ ايف سي جي معاونت سان ٽيلي نار جي 400 ملين ڊالرن جي ڏي وٺ مڪمل ٿي جيڪا حڪومتي قرض نه پر نجي شعبي لاءِ حقيقي مالي معاونت آهي. ٽيڪس پاليسي جو اختيار ايف بي آر کان وٺي فنانس ڊويزن کي ڏنو ويو آهي. ايف بي آر هاڻ صرف ٽيڪس وصولين تي ڌيان ڏيندي. رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان 1947ع کان 2025ع تائين ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته عالمي ڀيٽ ڪئي وڃي ته اسان کي هاڻ به ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ۽ جي ايف-17 ٿنڊر جهاز دنيا جي مختلف ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون جيڪو قومي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. پاڪستان ٽريڪٽر سازي، آٽو موبيل ۽ انجنيئرنگ سميت تقريبن هر شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي ڪاميابيون اهڙيون آهن، پر جڏهن اسان ٻين ترقي ڪندڙ ۽ اُسرندڙ ملڪن سان ڀيٽ ڪريون ٿا ته اسان ڪافي پوئتي نظر اچون ٿا. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪو ملڪ امن ۽ استحڪام کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي جڏهن ته پاڪستان ۾ بدقسمتيءَ سان سياسي ۽ پاليسي عدم استحڪام رهيو آهي. سي پيڪ فقط روڊن جو منصوبو ناهي پر هي پاڪستان جي تقدير بدلائڻ جو هڪ جامع معاشي پروگرام آهي. اسان کي سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي معاشي پاليسي ۾ تلسسل آڻڻو پوندو. پاڪستان ۾ ڊالرن جي کوٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو سڀ وڏو ڪارڻ روانگي واپار ۾ گهربل اضافو نه هئڻ آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شامل 523 ڪمپنين مان صرف 70 ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جو روانگي واپار 10 هزار ڊالرن کان مٿي آهي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته خوشحاليءَ جو واحد رستو پيداواري صلاحيت ۾ واڌ آهي، ترقي تڏهن ايندي جڏهن هر شهرين کي ڪم لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن، مخصوص طبقي کي سستي بجلي، گيس ۽ ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جو سلسلو بند هئڻ گهرجي، حڪومت 12 سيڪڙو تي ڊالر اڌارا وٺي 50 وڏن ماڻهن کي زيرو سيڪڙو تي ڏئي رهي آهي، رياست کي هاڻ ”ڪاروبار هلائڻ“ بدران ”سهولتڪار“ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جو باصلاحيت نوجوان نيون ڪمپنيون بڻائڻ چاهي ٿو پر کين وسيلا ناهن. خوشحاليءَ جو سرچشمو طاقت ۽ پهچ نه پر تعليم، هنر ۽ پراڊڪٽوٽي آهي. اسان کي اهڙو نظام گهرجي جتي صرف ٽيلنٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي. نَون خيالن ۽ ايجادن کانسواءِ ڪو ملڪ معاشي طور تي مستحڪم ناهي ٿي سگهدنو. جيڪڏهن اسان جون معاشي پاليسيون ٺيڪ هجن ها ته اڄ پاڪستان بنگلاديش کان اڳتي هجي ها. نجڪاري واري وفاقي وزير محمدعلي چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ناڪاري معاشي سرگرمين سبب پاڪستان پنهنجا گهربل معاشي هدف حاصل ناهي رڪي سگهيو جڏهن ته تازن سڌارن جي نتيجي ۾ معيشت جا هاڪاري رُخ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن کي مستقل بنيادن تي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ملڪي معيشت چئن بنيادي ٿنڀن تي بيٺل آهي، جن ۾ عوامي وسيلا، معاشي سرگرمين ۾ واڌ، عورتن جي شموليت ۽ مضبوط ڪاروباري ڍانچا شامل آهن. عورتن کي معاشي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت انفراسٽرڪچر ۾ سڌارن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ايئر لائن، پاور، پيٽروليم، ريلوي ۽ صنعتي شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن. آسان معاشي پاليسيون متعارف ڪرايون ويون جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ سبب عوام کي ڏُکيائيون درپيش آهن. واپار واري وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا غير رسمي معيشت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ فقط ڪاروبار کي رجسٽرڊ ڪرڻ تائين محدود ناهي پر ان سان معاشي سرگرمين جي دستاويز بندي، ڪرپشن ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ وسعت ممڪن ٿئي ٿي. وسيع ٽيڪس بيس سبب ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي جيڪا صنعتي ترقيءَ لاءِ معاون ثابت هوندي آهي. هن چيو ته واپاري معيشت سان مينيوفيڪچرنگ طرف وڃڻ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته هر سال 40 کان 50 لک ماڻهو ليبر مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جنهن کي صرف سروس سيڪٽر جذب نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي جاز اينڊ موبي لنڪ بئنڪ جي چيئرمين، پلانٽيو جي باني عائله ماجد، انفرا ضامن جي سي اي او ماهين رحمان، ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد، اينگرو ڪارپوريشن جي صدر احسن ظفر سيد، سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر جاويد بلواني به خطاب ڪيو.












