سردار اياز صادق سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان يورپي يونين جي سفير رائمنڊاس ڪاروبلس پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر يورپي يونين جي سفير جو پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، گڏيل …

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان يورپي يونين جي سفير رائمنڊاس ڪاروبلس پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر يورپي يونين جي سفير جو پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، گڏيل سهڪار سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ خوشگوار ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني ناتا ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ وڏي اهميت رکندڙ آهي. سفير اسپيڪر کي پاڪستان جي ايس پي پلس اسٽيٽس تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني يورپي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسپيڪر يوڪرين ۾ امن جي قيام لاءِ نيڪ خواهشن جو اطهار ڪيو ۽ روس- يوڪرين جنگ جي پُرامن حل جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڪارروائي کي غير جانبداريءَ سان هلائڻ تي اسپيڪر کي ساراهيو.