اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته فلاحي ادارن جي اثرائتي ڪارڪردگي، شفاف گورننس ۽ مضبوط پاليسي نگراني کانسواءِ ممڪن ناهي، اداره جاتي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ واضح پاليسي رُخ فلاحي خدمتن جي تسلسل ۽ اعتماد لاءِ بنيادي ٿنڀ آهن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار …
اداره جاتي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ واضح پاليسي رُخ فلاحي خدمتن جي تسلسل ۽ اعتماد لاءِ بنيادي ٿنڀ آهن: چيف جسٽس آف پاڪستان
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته فلاحي ادارن جي اثرائتي ڪارڪردگي، شفاف گورننس ۽ مضبوط پاليسي نگراني کانسواءِ ممڪن ناهي، اداره جاتي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ واضح پاليسي رُخ فلاحي خدمتن جي تسلسل ۽ اعتماد لاءِ بنيادي ٿنڀ آهن. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن الميزان فائونڊيشن جي جاري فلاحي منصوبن جي جائزي لاءِ رٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ هو الميزان فائونڊيشن جي ايڊوائيزري بورڊ جي صدر جي حيثيت سان شريڪ هو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) مشير عالم، چيئرمين ڪميٽي آف ايڊمنسٽريشن جسٽس (ر) محمد طارق عباسي، وائيس چيئرمين ۽ الميزان فائونڊيشن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فائونڊيشن جي فلاحي مينڊيٽ، پاليسي هم آهنگي، گورننس جي ڍانچي ۽ـ مالي استحڪام جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. 1995ع ۾ قائم ٿيل الميزان فائونڊيشن ضلعي عدليه جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن، عدالتي عملي ۽ ان جي پونئيرن خاص ڪري مرحوم جي مستحقين جي ڪفالت هيٺ ماڻهن کي منظم فلاحي معاونت فراهم ڪري رهي آهي. فائونڊيشن شفافيت، جوابدهي ۽ ڊگهي مُدي واري اداره جاتي بقا کي يقيني بڻائڻ لاءِ واضح گورننس فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس دوران فلاحي خدمتن جي اثرائتي فراهمي بابت اهم پاليسي ۽ انتظامي معاملا غور هيٺ آيا جن ۾ اثاثن جو بهتر انتظام، معاهدا ۽ قانوني معاملا، مالي ضابطه ڪاري ۽ ٽيڪسيشن جا معاملا شامل هئا. ان ڳالهه تي خاص ڌيان ڏنو ويو ته پائيدار پاليسي وارن قدمن ذريعي اداره جاتي وسيلن جو اثرائتو استعمال ممڪن بڻايو وڃي ۽ صحت، تعليم ۽ ملازمن جي سهولتڪاري جهڙن شعبن ۾ فلاحي قدمن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ رکيو وڃي. چيف جسٽس ڪميٽي آف ايڊمنسٽريشن جي چيئرمين جسٽس (ر) مشير عالم جي ڏور رس قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندن سرپرستيءَ ۾ الميزان فائونڊيشن جي گورننس، پاليسي هم آهنگي ۽ اداره جاتي وقار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن فائونڊيشن جي موجوده سيڪريٽري ضياءُ الرحمان جي پيشيوراڻي صلاحيت، انتظامي محنت ۽ سڌارن تي ٻَڌل قدمن جي به تعريف ڪئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته واضح ويزن، منظم نگراني ۽ مضبوط قيادت جي نتيجي ۾ الميزان فائونڊيشن جي ساک ۽ فعاليت ۾ واڌ ٿي آهي ۽ هي ادارو مستقبل ۾ به هڪ مستحڪم ۽ اعتماد جوڳي فلاحي اداري طور پنهنجون خدمتون جاري رکندو.












