اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم …
وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جو ٽيليفونڪ رابطو، ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم خطي ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي جي فروغ ۾ قطر جي تعميري ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو ۽ سفارتي حل جي ذريعي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي بامعنيٰ ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن قطري قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان به علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












