اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ملاقات ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ سيڙپ کي هٿي ڏيڻ، گڏيل تعاون جي نون موقعن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي وزيرن خاص ڪري ثقافتي ورثي، سياحت ۽ تخليقي صنعتن ۾ …
سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جي ملاقات
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ملاقات ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ۾ سيڙپ کي هٿي ڏيڻ، گڏيل تعاون جي نون موقعن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي وزيرن خاص ڪري ثقافتي ورثي، سياحت ۽ تخليقي صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع گنجائش تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان موقعي تي چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت جي شعبي کي معاشي ترقي سان موثر طور تي جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ثقافتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي سڃاڻپ کي هٿي ملندي پر روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين ذريعي مختلف شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي وزيرن بين الوزارتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قدمن جي ذريعي سيڙپڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سيڙپڪاري بورڊ ملڪ ۾ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.












