اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان عوامي جمهوريه چين جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- چين دوستي، ٻه طرفن ناتن کي هٿي وٺرائڻ کان علاوه اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي اسپيڪر چيو ته چين پاڪستان جو ويجهو، اعتماد جوڳو ۽ هر آزمائش …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان چين جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان عوامي جمهوريه چين جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- چين دوستي، ٻه طرفن ناتن کي هٿي وٺرائڻ کان علاوه اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي اسپيڪر چيو ته چين پاڪستان جو ويجهو، اعتماد جوڳو ۽ هر آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ وارو ملڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدا بهار دوستيءَ تي فخر آهي جيڪو گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهي. اسپيڪر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ ويجهي سهڪار کي تعريف جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پاڪ- چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هر ڏُکئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ پاڪ- چين دفاعي سهڪار خطي ۾ جٽادار امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر پنهنجي گذريل اسپيڪرشپ جو حوالو ڏيندي چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جو پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب تاريخي اهميت رکندڙ آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ غير معمولي اعتماد ۽ ويجهن ناتن جي عڪاسي ڪري ٿو. چين جي سفير، اسپيڪر جي چين لاءِ هاڪاري ۽ خيرسگالي تي ٻَڌل جذبن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جو عوام هڪٻئي سان دوستي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ جڙيل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ- چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري مسلسل هٿي وٺي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ سگهه اختيار ڪندي.












