اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ چونڊ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 15 جنوريءَ تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت جي اسپيشل بينچ نمبر هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ووٽرن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪندي. بينچ جي سربراهي چيف جسٽس امين الدين خان ڪندو، جڏهن ته جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه به بينچ ۾ شامل هوندا. …
وفاقي آئيني عدالت ۾ چونڊ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 15 جنوريءَ تي ٿيندي
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ چونڊ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 15 جنوريءَ تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت جي اسپيشل بينچ نمبر هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ووٽرن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪندي. بينچ جي سربراهي چيف جسٽس امين الدين خان ڪندو، جڏهن ته جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه به بينچ ۾ شامل هوندا. درخواستگذار محمد صالح ڀوتاني چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان ۽ ٻين خلاف اپيل داخل ڪري رکي آهي. درخواست ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي گذارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته هاءِ ڪورٽ درخواست کي ٻُڌڻ جوڳي نه هئڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو هو. ان ئي نوعيت جي سر بلند خان طرفان داخل اپيل C.P.L.A. 4736/2024 به ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر آهي جنهن ۾ به هاءِ ڪورٽ ووٽرن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست خارج ڪئي هئي.












