اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، اپر سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ پوٺوهار خطي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، اپر سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ پوٺوهار خطي، مٿانهين خيبر پختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. پوٺوهار خطي ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پيو. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه، اسڪردو ۾ ڪاٽو 11، گوپس ۾ ڪاٽو 09، استور، گلگت ۾ ڪاٽو 08، بگروٽ ۾ ڪاٽو 07 ۽ هنزه ۾ ڪاٽو 06 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











