معاشي استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي ترقي جي لاءِ قدم کڻنداسين، پاڪستان خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿيندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي ترقي جي لاءِ قدم کڻنداسين، پاڪستان خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿيندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، معرڪه حق کانپوءِ دنيا ۾ اسان جي جهازن جي طلب وڌي وئي، دفاعي پيداوار جي صنعت کي هٿي ملندي، ڪراچي کان چمن رستي ۽ بلوچستان ۾ 7 دانش اسڪولز جي تعمير هڪ …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي ترقي جي لاءِ قدم کڻنداسين، پاڪستان خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿيندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، معرڪه حق کانپوءِ دنيا ۾ اسان جي جهازن جي طلب وڌي وئي، دفاعي پيداوار جي صنعت کي هٿي ملندي، ڪراچي کان چمن رستي ۽ بلوچستان ۾ 7 دانش اسڪولز جي تعمير هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ورلڊ لبرٽي فنانشل سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون خوش آئنده آهي، ان ايم او يو سان ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو ۽ عالمي ٽرانزيڪشن ۾ آساني ٿيندي، پاڪستان مختصر عرصي ۾ ان حوالي سان وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، هاڻي ڊيجيٽل ڪرنسي ۽ ڊيٽا سينٽر جي ذريعي ٽرانزيڪشن ممڪن ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جنهن جي تمام گهڻو اڳ ضرورت هئي هاڻي ان جي شروعات ٿي ويندي. وزيراعظم پاڪستان ايئر فورس کي تيمور ويپن سسٽم ۽ پاڪ بحريه کي ايل وائي 80 جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ دنيا ۾ اسان جي ويڙهاڪ جهازن جي طلب وڌي وئي آهي، ڪيترائي ملڪ جهاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن، اسان جي دفاعي پيداوار جي صنعت کي ان سان سگهه ملندي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ رينجرز جي ڪامياب ڪاررواين کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان ڪامياب ٿيندو. هن ڪابينا کي پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اين 25 رستو، ڪراچي کان چمن تائين 850 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، اهو منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو ۽ وفاق ان تي 400 ارب رپيا خرچ ڪندو، هي اهو پئسو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون گهٽ ٿيڻ کانپوءِ فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ بدران ان رستي جي تعمير جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 75 ارب رپين جي لاڳت سان آبادگارن جي لاءِ زرعي پئڪيج جو منصوبو پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن جي لاءِ وفاق 50 ارب رپيا فراهم ڪيا، سولر پينلز جي استعمال کانپوءِ بجلي چوري ختم ٿي وئي آهي، هاڻي آبادگارن کي سولر سان زراعت جي لاءِ پاڻي ملي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ 7 دانش اسڪولن جي تعمير جي شروعات پڻ ڪئي وئي آهي، اهو منصوبو به هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. هن وفاقي ڪابينا کي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهائڻ ۽ هزارين شاگردن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفن جي فراهمي بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ويو آهي، هاڻي ترقي جي لاءِ قدم کڻنداسين، معاشي واڌويجهه جو دور شروع ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن ٿيندو.