وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ سڌارا واضح رخ ۽ مقصد سان لاڳو ڪيا پيا وڃن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاليسين ۾ تسلسل تي زور ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو آهي ته اهي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ عالمي برادري ۾ پاڪستان جو نمايان مقام ٺاهڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪن. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار”پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ“ کي بطور خاص مهمان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جڏهن …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاليسين ۾ تسلسل تي زور ڏيندي سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو آهي ته اهي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ عالمي برادري ۾ پاڪستان جو نمايان مقام ٺاهڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪن. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار”پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ“ کي بطور خاص مهمان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جڏهن حڪومت سنڀالي ته ان کي هڪ شديد معاشي عدم توازن ورثي ۾ مليو جنهن تي واحد ترجيح پاڪستان جي ڊگهي مدي واري مفادن کي بڻايو ويو. هن چيو ته مشڪل فيصلا ڪيا ويا ۽ سياسي آسانين کي هڪ طرف رکي ذميواري کي ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سڌارا هاڻي واضح رخ ۽ مقصد سان لاڳو ڪيا پيا وڃن ۽ پراڻي ناڪامين کي منظم انداز ۾ ختم ڪيو پيو وڃي جن ۾ وڏن سرڪاري ادارن جي نجڪاري به شامل آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نجڪاري جي عمل بابت چيو ته ڪاروباري برادري جي سمورين ڌرين ۾ ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته اهو اولين ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ پي آءِ اي جي نجڪاري ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ان عمل سان نه رڳو قومي ايئرلائين جديد رخن تي قائم ٿيندي پر قومي خزاني تي پوندڙ مالي بار به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته ان قدم سان ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي ڀرپور دلچسپي پيدا ٿي آهي جنهن سان پاڪستان جي نجڪاري پروگرام تي اعتماد ۾ اضافو ٿيو ۽ معاشي سڌارن جي عمل کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. هن چيو ته اسان کي مسلسل محنت ڪرڻي پوندي ۽ هر ايندڙ حڪومت کي انهي تسلسل سان ڪم جاري رکڻو پوندو. هن چيو ته حالتون بهتري طرف وڌي رهيون آهن، اسان کي اميد نه ڇڏڻ گهرجي، اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان وٽ اڳتي وڌڻ جا ڀرپور موقعا موجود آهن. گردشي قرضن جي خاتمي جي حوالي سان هن چيو ته حڪومت ادائيگي جي نظام ۾ نظم ۽ ضبط لاڳو ڪري رهي آهي، ريگيوليٽرز کي مضبوط بڻائي رهي آهي ۽ توانائي جي شعبي کي مالي طور تي پائيدار بڻائي رهي آهي ته جيئن توانائي جو شعبو معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران ان جو سهارو بڻجي. رائيٽ سائيزنگ ۽ سڌارن بابت هن چيو ته حڪومت غيرضروري خرچ ختم ڪري رهي آهي، وسيلن جي زيان کي روڪي رهي آهي ۽ سرڪاري خرچن کي پيداوار ۽ خدمتن جي بهتري طرف موڙي رهي آهي. ڊيجيٽل گورننس جي قدمن سان اهي سڌارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ٿا ته سرڪاري وسيلا عوام جي ڀلائي جي لاءِ موثر طور استعمال ٿين. هن چيو ته اهي سڌارا اهو ئي معاشي استحڪام فراهم ڪري رهيا آهن جنهن جا پاڪستاني مستحق آهن. 2023ع جي معاشي صورتحال جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان وقت ڪاروبار جمود جو شڪار هو، واڌويجهه جي شرح اٽڪل زيرو هئي ۽ لاڳت 22 سيڪڙو تائين وڌي چڪي هئي پر هو سدائين ڪاروباري برادري کي چوندو هو ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. 2017ع جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان وقت پاڪستان هڪ مستحڪم معيشت هو، وياج جي شرح 5.25 سيڪڙو جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي هئي، ايڪسپورٽ فنانس ريٽ 3.25 سيڪڙو هو ۽ معاشي واڌويجهه جي شرح 6.3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ ترقي جي مڪمل صلاحيت موجود آهي ۽ ڪاروباري برادري ان ترقي جي قيادت ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته موجوده حڪومت جو ڌيان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ تي آهي ۽ سمورين عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪئي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، رڳو صحيح رخ ۾ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، توهان ائٽمي طاقت آهيو، الله توهان کي ميزائيل طاقت عطا ڪئي آهي، هاڻي رڳو مڪمل خودمختياري جي کوٽ آهي. هن چيو ته اهو منهنجو يقين ۽ منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان اهو حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، اها حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي، پي آءِ اي کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ به ان بنڊلنگ ۽ سڌارا آڻينداسين، نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ان عمل کي تيز کان تيز تر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته حڪومت وٽ واضح روڊ ميپ موجود آهي، مهانگائي گهٽ ٿي 5.6 سيڪڙو (سي پي آءِ) تي اچي وئي آهي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نيون بلنديون ۽ نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان معدني وسيلن، هائيڊرو ڪاربن، قيمتي پٿرن سان مالامال آهي ۽ محتاط اندازي موجب ان جي ماليت 6 کان 8 کرب ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي. غيرملڪي قرضن جي حوالي سان هن چيو ته اسان کي ٻاهرئين کاتي جي  خساري کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جي لاءِ رڳو 10 ارب ڊالر مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو، 10 ارب ڊالر برآمدات ۾ اضافو ۽ اٽڪل 10 ارب ڊالر خدمتن ۽ ٻين شعبن مان حاصل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي هر وڏي شعبي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، هڪ اهڙو ملڪ جيڪو ٽي  سال اڳ سفارتي طور تي اڪيلو سمجهيو ويندو هو، اڄ الحمدالله خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ سڀ کان وڌيڪ گهربل حصيدار بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته معدنيات ۽ توانائي ۾ تعاون کي به فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ گوادر بندرگاهه ۽ قراقرم هاءِ وي سميت ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي ذريعي علائقائي رابطن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ ڊگهي مدي واري معاشي فائدن جو سبب بڻجندي. آمريڪا سان تعاون ٽيڪنالاجي، توانائي، سيڙپڪاري ۽ مارڪيٽ تائين پهچ جي شعبن ۾ پکڙيل آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي برآمدي چٽاڀيٽي ۾ اضافو ۽ واپار ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ ڪاروباري برادري سان رابطا مضبوط ڪيا پيا وڃن جڏهن ته نار ملڪن، ترڪيه ۽ وچ اوڀر ۾ توانائي، خوراڪ، سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، خدمتن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريون تيزي سان وڌي رهيون آهن. هن چيو ته اهي معاشي لاڳاپا پاڪستان جي ايف ڊي آءِ حڪمت عملي جو مرڪزي حصو آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي گرين،  ڊيجيٽل ۽ انساني وسيلن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موسمياتي لحاظ کان محفوظ زراعت، قابل تجديد توانائي، پائيدار شهري ترقي ۽ گرين صنعتي مراعتون ان ايجنڊا جو مرڪزي حصو آهن ۽ پاڪستان جي معاشي ريزيلينس جي لاءِ لازمي آهن.