اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روسلاني سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ ڊائون اسٽريم انڊسٽري ۽ انڊونيشيا جي خودمختيار ويلٿ فنڊ (دانانتارا) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر روزان روسلاني سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين سيڙپڪاري ۾ تعاون جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











