پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ سي اي پي اي تي فني ڳالھيون آخري مرحلي داخل، جامع اقتصادي حصيداري واري معاھدي تي جلد عمل ڪيو ويندو: واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آھي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ سي اي پي اي تي فني ڳالھيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آھن، ٻئي ملڪ جلدي حتمي معاھدي تي صحيحيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظھار ھن يو اي اي جي سفير سالم محمد الزعبي سان ملاقات ۾ چئي. واپار واري وزير چيو ته ٽيڪنيڪل …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آھي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ سي اي پي اي تي فني ڳالھيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آھن، ٻئي ملڪ جلدي حتمي معاھدي تي صحيحيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظھار ھن يو اي اي جي سفير سالم محمد الزعبي سان ملاقات ۾ چئي. واپار واري وزير چيو ته ٽيڪنيڪل ٽيمن جي محنت ڪامياب ٿي آهي. سي اي پي اي جي معاھدي تي جلد عملدرآمد ڪيو ويندو. ھن چيو ته پاڪستان يو اي اي جامع اقتصادي شراڪتداري معاھدي (سي اي پي اي) کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آھن، سي اي پي اي پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ۾ نوان موقعا پيدا ڪندي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ تاريخي سي اي پي اي جلد عملي شڪل اختيار ڪندو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارتات جي سفير چيو ته پاڪستان جي معاشي سڌارن سان واپاري ماحول بھتر ٿي رھيو آھي. ھن پاڪستان ۾ واپار، لاجسٽڪس، بندرگاھن ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ دلچسپي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته سي اي پي اي ذريعي پاڪستان ۽ ايو اي اي جا لاڳاپا نوان معاشي رخ اختيار ڪندا. سي اي پي اي معاھدا ٻنھي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ نمايا اضافو ڪندا.