اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان بلوچستان جي وڏي وزير جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون، هارون اختر خان وڏي وزير مير سرفراز بگٽي کي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن سڄي ملڪ ۾ ايس ايم ايز ۽ خاص ڪري عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب سمورا صوبا گڏجي ملڪ جي مائيڪرو، سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز کي هٿي وٺرائي سگهن ٿا. هارون اختر خان چيو ته ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ ۾ صوبن جو ڪردار اهم آهي ۽ بلوچستان ۾ انهن جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن اعلان ڪيو ته ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان گڏجي هڪ گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪيو ويندو جيڪو زرعي بنيادن تي ايس ايم ايز، لائيو اسٽاڪ ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪندو. وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي حڪومت ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته صوبي جو عوام پنهنجي ڪاروبار کي وڌائي ۽ ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري. هن يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان بلوچستان هر شعبي ۾ ايس ايم ايز جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻندو. خاص مددگار هارون اختر خان وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ وفاقي حڪومت پاران مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.










