اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته خوشحالي جو سرچشمو طاقت ۽ پهچ نه پر تعليم، هنر ۽ پيداواري صلاحيت آهي، حڪومتي ڪوششن سان معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي معاشي رخ جي نئين سر جوڙجڪ جي موضوع تي پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي …
خوشحالي جو سرچشمو طاقت ۽ پهچ نه پر تعليم، هنر ۽ پيداواري صلاحيت آهي: وفاقي وزير مصدق ملڪ
اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته خوشحالي جو سرچشمو طاقت ۽ پهچ نه پر تعليم، هنر ۽ پيداواري صلاحيت آهي، حڪومتي ڪوششن سان معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي معاشي رخ جي نئين سر جوڙجڪ جي موضوع تي پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. پاليسي ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پاڪستان پاليسي ڊائيلاگ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اعليٰ سطحي ماهرن شرڪت ڪئي. پاليسي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ملڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاليسي هم آهنگي تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۾ خوشحالي جو رستو صرف طاقت ۽ اثر رسوخ تائين پهچ بڻجي چڪو آهي، خوشحالي جو واحد رستو پيداواري صلاحيت ۾ اضافو آهي. خوشحالي جو سرچشمو طاقت ۽ پهچ نه پر تعليم، هنر ۽ پيداواري صلاحيت آهي. هن چيو ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ئي پائيدار ترقي آهي، نجڪاري ڪو نظرياتي منصوبو ناهي، مارڪيٽ جي خرابين کي صحيح ڪرڻ جو طريقو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته رياست کي ڪاروبار هلائڻ بدران سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ترقي تڏهن ايندي جڏهن شهرين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سان معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي، ملڪي معيشت ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهم آهي، ٽئلينٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.










