قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن اربع 14 جنوري تي ملهايو ويو. حفيظ جالنڌري جي سڃاڻپ قومي تراني جي باني ۽ قومي شاعر طور آهي. هو رومانوي ڪلامن ۽ گيت نگاري جي حوالي سان به شهرت رکي ٿو. هو 14 جنوري 1900ع تي جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. حفيظ جالنڌري جي اهم لکڻي شاهنامه اسلام تي فردوسي اسلام جي خطاب سان نوازيو ويو. …

اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي)قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن اربع 14 جنوري تي ملهايو ويو. حفيظ جالنڌري جي سڃاڻپ قومي تراني جي باني ۽ قومي شاعر طور آهي. هو رومانوي ڪلامن ۽ گيت نگاري جي حوالي سان به شهرت رکي ٿو. هو 14 جنوري 1900ع تي جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. حفيظ جالنڌري جي اهم لکڻي شاهنامه اسلام تي فردوسي اسلام جي خطاب سان نوازيو ويو. شاهنامه اسلام کي سندس وڏو ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي جيڪو 4 جلدن ۾ نشر ٿيو جڏهن ته ٻيو وڏو ڪارنامو پاڪستان جو قومي ترانو آهي جنهن جي تخليق سبب هو هميشه ياد رکيو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت 4 آگسٽ 1954ع ۾ سندس لکيل تراني کي قومي ترانو منظور ڪيو هيو. هن ٻي عالمي جنگ ۾ فوجي گانا به لکيا. حفيظ جالنڌري جو گيت ابهي تو مين جوان هون به تمام گهڻو مشهور ٿيو. هن غزل به لکيا. حفيظ جالنڌري کي تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ حلال پاڪستان سميت قومي ۽ عالمي ايوارڊن سان به نوازيو ويو. حفيظ جالنڌري 82 ورهين جي عمر ۾ 21 ڊسمبر 1982 ع تي لاهور ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. حفيظ جالنڌري جي سالگره جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ سندس مداحن پاران ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.