وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ لبرٽي فنانشل جي وفد جي ملاقات، پاڪستان سان ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام ۾ جدت جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڊيجيٽل مالياتي منڊين ۾ وڌندڙ عالمي دلچسپي کي ساراهيندي پاڪستان جي تيزي سان عالمي ڊيجيٽل فنانسن جو حصو بڻجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي ڪمپني ”ورلڊ لبرٽي فنانشل“ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وٽڪوف جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي …

اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڊيجيٽل مالياتي منڊين ۾ وڌندڙ عالمي دلچسپي کي ساراهيندي پاڪستان جي تيزي سان عالمي ڊيجيٽل فنانسن جو حصو بڻجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي ڪمپني ”ورلڊ لبرٽي فنانشل“ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وٽڪوف جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پاڪستان ورچوئل اثاثه جات ريگيوليٽري اٿارٽي جو چيئرمين بلال بن ثاقب پڻ موجود هو. ان موقعي تي ڊيجيٽل ادائيگين ۾ جدت جي لاءِ پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي ڊيجيٽل پاڪستان جي حوالي سان پنهنجو ويزن پيش ڪيو جنهن جو مقصد شهرين کي وڌيڪ بهتر رابطن، پهچ ۽ شفاف ذريعن جي سهولت کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ادائيگين ۽ مالياتي جدت جي تيزي سان وڌندڙ رفتار پاڪستان جي وڌندڙ ڊيجيٽل معيشت جو هڪ اهم جز آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ڊيجيٽل مالياتي منڊين ۾ وڌندڙ عالمي دلچسپي کي ساراهيندي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان تيزي سان عالمي ڊيجيٽل فنانس جو حصو بڻجندو پيو وڃي. ان موقعي تي زچري وٽڪوف محفوظ ۽ شفاف ڊيجيٽل ادائيگين جي نظام جي لاءِ پاڪستان سان تعاون ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي جنهن ۾ سرحد پار ادائيگين ۽ پرڏيهي ناڻي جي عمل ۾ جدت شامل آهي. هن پاڪستان جي پاليسي فريم ورڪ کي ساراهيو جنهن جي ڪري پاڪستان عالمي ڊيجيٽل فنانس جي منظرنامي ۾ تيزي سان اڀري رهيو آهي. هن ايندڙ دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ادائيگين ۽ سرحد پار ڏيتي ليتي ۾ جدت جا امڪان ڳولڻ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ ايس سي فنانشل ٽيڪنالاجيز ايل ايل سي (جيڪا ورلڊ لبرٽي فنانشل جي واڳيل ڪمپني آهي) جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وٽڪوف مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد سرحد پار ڏيتي ليتي جي لاءِ گهربل ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام تي باضابطا ڳالهه ٻولهه ۽ ٽيڪنيڪي مهارت کي فروغ ڏيڻ آهي.