اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ يونيورسٽي آف لنڊن جي پاڪستان جي تعليمي شعبي سان وابستگي ۽ خلوص کي ساراهيندي چيو آهي ته يونيورسٽي آف لنڊن پاڪستان ۾ تعليم جي معيار کي نئين سگهه ڏني، جدت ۽ نوان ماڊيولز متعارف ڪرايا، مسلسل بهتري ۽ جدت کي اختيار ڪرڻ يونيورسٽي آف لنڊن جي نمايان سڃاڻپ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار …
يونيورسٽي آف لنڊن پاڪستان ۾ تعليم جي معيار کي نئين سگهه ڏني، جدت ۽ نوان ماڊيولز متعارف ڪرايا: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ يونيورسٽي آف لنڊن جي پاڪستان جي تعليمي شعبي سان وابستگي ۽ خلوص کي ساراهيندي چيو آهي ته يونيورسٽي آف لنڊن پاڪستان ۾ تعليم جي معيار کي نئين سگهه ڏني، جدت ۽ نوان ماڊيولز متعارف ڪرايا، مسلسل بهتري ۽ جدت کي اختيار ڪرڻ يونيورسٽي آف لنڊن جي نمايان سڃاڻپ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لنڊن جي اعليٰ سطحي وفد جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، جسٽس عائشه ملڪ، پرووائيس چانسلر يونيورسٽي آف لنڊن فل آلمينڊنگر، ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر اسامه ملڪ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون رشيد، پنجاب اسيمبلي ميمبر آمنه شيخ، برٽش ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن، يوينورسٽي آف لنڊن جي سائوٿ ايشيا بابت ريجنل هيڊ سعد وسيم، ناليواري قانوندان احمد بلال صوفي ۽ يونيورسٽي آف لنڊن جي مڃيل تعليمي ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو نه رڳو لنڊن يونيورسٽي جو اڳوڻو شاگرد آهي پر پاڻ کي لنڊن يونيورسٽي جو اعزازي برانڊ ايمبسيڊر پڻ سمجهي ٿو. هن ان موقعي تي منتظمين جا ٿورا مڃيندي چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا اهڙن باوقار ۽ علمي ميڙن کي خطاب جو موقعو ڏنو ويو جنهن تي هو دلي طور تي ٿورائتو آهي. هن پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته يونيورسٽي آف لنڊن جو اهو علمي ۽ تعليمي سفر ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ سگهارو ۽ استحڪام اختيار ڪندو رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ يونيورسٽي آف لنڊن جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو نه رڳو پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر جدت ۽ نوان تعليمي ماڊيولز متعارف ڪرائڻ ۾ پڻ اڳتي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته لنڊن يونيورسٽي جي نمايان خصوصيت اها آهي ته گذريل سالن دوران ان ۾ بهتري ۽ جدت ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته تحقيق ۽ ترقي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ نه رڳو پاڪستان ۾ لنڊن يونيورسٽي جي پروگرامز جي حوالي سان پر عالمي سطح تي هر گذرندڙ سال سان گڏ ان ۾ وڌيڪ بهتري نظر اچي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو قانون جي شاگرد جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته کيس انتهائي ناليواري ۽ باوقار استادن جي سرپرستي حاصل رهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ قائم تدريسي مرڪز غيرمعمولي اهميت رکندڙ آهن ڇو ته اهي ئي مرڪز يونيورسٽي جا سفير ۽ پاڪستان ۾ ان جا نمائندا هوندا آهن. هن زور ڏنو ته تعليمي نصاب، تحقيق ۽ ترقي ۽ معياري تعليم جي فراهمي پنهنجي جڳهه اهم آهي جڏهن ته ان پوري عمل ۾ استادن جو ڪردار پڻ انتهائي اهم آهي، ان لاءِ فيڪلٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ لازمي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هو اڄ هن ميڙ ۾ هڪ فخر ڪندڙ اڳوڻي شاگرد جي حيثيت سان موجود آهي ڇو ته لنڊن يونيورسٽي جي اها ڊگري نه رڳو سندس صلاحيتن ۾ اضافي جو سبب بڻي پر وڪالت کان وٺي سول سروس ۽ هاڻي وزارت جي عهدي تائين مختلف پيشيواراڻي مرحلن ۾ کيس عوام، ملڪ ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪميونٽي جي خدمت جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪندي رهي. هن چيو ته هو ان تي دل سان ٿورائتو آهي، انهن تعليمي پروگرامز جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ جيڪو ڪجهه به ممڪن ٿيو حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ان ڏس ۾ پاڪستان حڪومت، پنجاب حڪومت، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ برٽش ڪائونسل پاران اڳ ۾ ئي نمايان ڪم ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير مقامي تعليمي ادارن جي رهنمائي ۽ سرپرستي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ مقامي ادارن جو هٿ پڪڙڻ لازمي آهي. هن چيو ته لنڊن يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ انتهائي بلند معيار قائم ڪيو آهي جنهن تي پورو لهڻ هڪ چئلينج ضرور آهي جڏهن ته ان حوالي سان آئوٽ ريچ پروگرامز تي ڪم جاري آهي ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي ته انهن پروگرامز جي فروغ ۾ حڪومت سدائين اڳتي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر فل آلمينڊنگر جو پاڪستان ۾ قيام مختصر رهيو جڏهن ته کيس اميد آهي ته اڳتي هو وڌيڪ وقت سان گڏ ٻيهر پاڪستان ايندو ته جيئن پاڪستان کي ان جي اصل روح سان ڏسي سگهي ڇو ته ڏسڻ ئي يقين جو بنياد هوندو آهي. هن چيو ته اسلام آباد، مارگلا جي پرسڪون ۽ دلڪش جبلن جي دامن ۾ موجود آهي جيڪو دنيا جي خوبصورت ترين گادي وارن شهرن مان هڪ آهي. هن چيو ته ايندڙ دوري جي موقعي تي يونيورسٽي آف لنڊن جي پرووائيس چانسلر کي پاڪستان جي ٻين شهرن جو پڻ دورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پاڪستاني عوام جي ثابت قدمي ۽ انهن ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جو مشاهدو ڪري سگهي جن کي اسان انتهائي ويجهو رکون ٿا. آخر ۾ هن چيو ته لنڊن يونيورسٽي صدين تي ٻڌل روايتون ۽ تاريخ رکندڙ آهي، ان جي لاءِ هر ممڪن خدمت ۽ تعاون جي لاءِ هر وقت تيار آهيون.










