اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ عمر ترين مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل ارفع ڪريم رنڌاوا کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ارفع ڪريم پاڪستاني نوجوانن جي ذهانت ۽ ان ۾ بي پناهه صلاحيتن جو روشن مثال هئي. ارفع ڪريم رنڌاوا جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ارفع ڪريم انتهائي گهٽ عمر ۾ عالمي سطح تي پاڪستان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران گهٽ عمر ترين مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل ارفع ڪريم رنڌاوا کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ عمر ترين مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل ارفع ڪريم رنڌاوا کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ارفع ڪريم پاڪستاني نوجوانن جي ذهانت ۽ ان ۾ بي پناهه صلاحيتن جو روشن مثال هئي. ارفع ڪريم رنڌاوا جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ارفع ڪريم انتهائي گهٽ عمر ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ارفع ڪريم رنڌاوا اهو ثابت ڪيو ته پاڪستاني نوجوان ڪنهن کان گهٽ نه آهن، ان جون ڪاميابيون اڄ به اسان جي نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، ارفع ڪريم جو خواب هڪ جديد، علم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس پاڪستان هو. وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ تعمير ٿيل سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ کي ارفع ڪريم سان ڳنڍڻ اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهي، حڪومت نوجوانن کي تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ارفع ڪريم رنڌاوا جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ارفع ڪريم جي والدين ۽ گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ قوم کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي.










