اسلام آباد - 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 300 شاگردن تي ٻڌل سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم قائم ڪرڻ جي حوالي سان ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي طرز تعمير، اسٽافنگ، انساني وسيلن جي فريم ورڪ ۽ سروس ڊيزائن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم قائم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 300 شاگردن تي ٻڌل سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم قائم ڪرڻ جي حوالي سان ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي طرز تعمير، اسٽافنگ، انساني وسيلن جي فريم ورڪ ۽ سروس ڊيزائن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ان منصوبي جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي خاندانن کي عالمي معيار جي نگهداشت، شموليت ۽ معاونت فراهم ڪرڻ آهي. ڪميٽي وزيراعظم جي هدايت موجب هڪ سال جي اندر سينٽر جي تڪميل جي لاءِ ٽائيم لائينز جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ خصوصي طرز تعمير، اسٽافنگ، انساني وسيلن جي فريم ورڪ ۽ سروس ڊيزائن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ آٽزم جي سارسنڀال ۾ عملي تجربو رکندڙ تربيت يافته ماهرن ۽ پيشيواراڻي ماڻهن جي مقرري تي خصوصي زور ڏنو ويو. نائب وزيراعظم هڪ جامع ۽ قومي سطح جي طريقيڪار جي توثيق ڪئي جنهن ۾ ٻارن سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي پس منظر جي ڇنڊڇاڻ، منظم تعليمي ٽولز ۽ شروعاتي تشخيص ۽ مداخلت جي لاءِ ثبوتن تي ٻڌل طريقيڪار شامل هجي. هن عالمي سطح جي ناليواري مرڪزن سان رابطو قائم ڪري بهترين عالمي تجربا ۽ معيار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، صحت واري سيڪريٽري، ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري، تعليم واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي.











