شڪر پڙيان ۾ پيپر ملبري جي سائنسي بنيادن تي نشاندهي کانپوءِ ڪٽائي ڪئي وئي، ماحولياتي تحفظ حڪومت جي سنجيده ۽ مستقل ترجيح آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته شڪر پڙيان ۾ پيپر ملبري (جنگلي شهتوت) جي سائنسي بنيادن تي نشاندهي کانپوءِ ڪٽائي ڪئي وئي، پيپر ملبري پولن الرجي سان 30 کان 37 سيڪڙو شهري متاثر ٿين ٿا، ماحولياتي تحفظ حڪومت جي سنجيده ۽ مستقل ترجيح آهي، ماحولياتي ڀڃڪڙين تي ڏنڊ جي حد وڌائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته شڪر پڙيان ۾ پيپر ملبري (جنگلي شهتوت) جي سائنسي بنيادن تي نشاندهي کانپوءِ ڪٽائي ڪئي وئي، پيپر ملبري پولن الرجي سان 30 کان 37 سيڪڙو شهري متاثر ٿين ٿا، ماحولياتي تحفظ حڪومت جي سنجيده ۽ مستقل ترجيح آهي، ماحولياتي ڀڃڪڙين تي ڏنڊ جي حد وڌائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان جي فيلڊ وزٽ ۽ وڻن جي ڪٽائي ۽ وڻڪاري جو جائزو وٺڻ دوران ڪيو. وفاقي وزير پيپر ملبري وڻن جي ڪٽائي ۽ مقامي وڻن جي ٻيهر وڻڪاريءَ جو معائنو ڪيو، شڪر پڙيان ۾ پيپر ملبري جي سائنسي بنيادن تي نشاندهي کان پوءِ ڪٽائي ڪئي وئي، جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي لاپرواهي يا قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ڪارروائي ٿيندي، پيپر ملبري سبب ڦهليل پولن الرجي سان 30 کان 37 سيڪڙو شهري متاثر ٿين ٿا، پيپر ملبري جي اثرن تي عالمي سطح تي به مطالعو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ايف نائن پارڪ ۾ عوامي ٻڌڻي ٿي آهي، ان جا منٽس طلب ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ جتي جتي پبلڪ هيئرنگ ٿي اتي مڪمل تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. عوامي ٻڌڻي عوام جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته اي پي اي کي وڻن جي ڳڻپ ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، اي پي اي کي واضح حڪمن آهن ته سمورا قدم قانون موجب هوندا، اي پي اي گهرجون پوريون نه ڪندڙ ڪنسٽرڪشن منصوبن کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته اسان اسلام آباد جي سمورن متاثر ماڳن جو دؤرو ڪنداسين، وڻن جي ڪٽائي ۽ وڻڪاريءَ سي ڊي اي جي ذميداري آهي، موسمياتي تبديليءَ واري وزارت جو بنيادي ڪم ماحولياتي تحفظ آهي، هر ڪٽيل وڻ عيوض سي ڊي اي 3 نوان وڻ لڳائيندي. هن چيو ته ماحولياتي ڏنڊ جي موجوده حد 10 لک کان وڌائي ويندي. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي واري وزارت جو وڻ لڳائڻ يا ڪٽڻ دائره اختيار ناهي پر نگراني اسان جي ذميداري آهي، اسلام آباد کي سبز رکڻ جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، ماحولياتي تحفظ حڪومت جي سنجيده ۽ مستقل ترجيح آهي.