اسلام آباد - 13 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. هن ڪميٽي بريفنگ جا نوٽس ورتا جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي اطمينان جوڳي سطح کان آگاهه ڪيو ويو. وفاقي حڪومت وٽ هن وقت اٽڪل 20 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي جنهن کي ضرورت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. هن ڪميٽي بريفنگ جا نوٽس ورتا جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن جي اطمينان جوڳي سطح کان آگاهه ڪيو ويو. وفاقي حڪومت وٽ هن وقت اٽڪل 20 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي جنهن کي ضرورت موجب صوبن کي طلب پوري ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪري سگهجي ٿو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي وقت سر ورڇ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، خوراڪ واري سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) جي عملدارن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.










