عالمي طور تي ڊجيٽل اثاثن بابت سرگرمين ۾ پاڪستان فعال ملڪ طور شامل، موقعن ۽ خطرن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ضابطي ڪاري اڻٽر آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي طور تي ڊجيٽل اثاثن بابت سرگرمين ۾ پاڪستان فعال ملڪ طور شامل آهي، موقعن ۽ خطرن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ضابطي ڪاري اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه آءِ ڪوئن ٽيڪنالاجي جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، جنهن جي قيادت ۾ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چيٽ سلويستري ڪري رهيو …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي طور تي ڊجيٽل اثاثن بابت سرگرمين ۾ پاڪستان فعال ملڪ طور شامل آهي، موقعن ۽ خطرن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ضابطي ڪاري اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه آءِ ڪوئن ٽيڪنالاجي جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، جنهن جي قيادت ۾ چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چيٽ سلويستري ڪري رهيو هو. ناڻي واري وزير وفد کي پاڪستان حڪومت طرفان ڊجيٽل اثاثن لاءِ منظم ۽ ذميداراڻو فريم ورڪ جوڙڻ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن وفد کي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل ۽ پاڪستان ورچوئل اثاثا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي قيام بابت اڳڀرائيءَ کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن قدمن جي پسِ منظر، پاليسي قدمن جي ترتيب، مارڪيٽ جي ترقي، مالي شموليت، شفافيت ۽ صارفين جي تحفظ تي ان جي وسيع اثرن جي وضاحت ڪئي. ناڻي واري وزير عالمي تجزياتي رپورٽن جو حوالو ڏيندي عالمي سطح تي ڊجيٽل اثاثن بابت سرگرمين ۾ پاڪستان جي وڌندڙ شموليت کي اجاگر ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت انهن سرگرمين کي هڪ اهڙي بهتر منظم ماحول ۾ اختيار ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا صارفين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ گڏوگڏ ئي جدت ۽ سيڙپڪاريءَ جي حوصلا افزائي ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستاني شهرين طرفان ڊجيٽل اثاثن جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، موقعن ۽ خطرن وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ضابطه ڪاري اڻٽر آهي. سندس چوڻ هو ته جوڙيل پاليسي فريم ورڪ مارڪيٽ جي شرڪت ڪندڙن کي واضح رهنمائي فراهم ڪرڻ، عالمي بهترين طريقيڪار سان هم آهنگ هئڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ سميت لاڳاپيل ريگيوليٽرز وچ ۾ هم آهنگي يقيني بنائڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن منظم مارڪيٽ ترقي ۽ اداره جاتي شموليت ممڪن ٿي سگهي. چيٽ سلويستري آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي مارڪيٽن جي تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪن، ايڪسچينجز ۽ وڏن صارفين تي ٻَڌل پليٽ فارمز سان آءِ ڪوائي ٽيڪنالاجي جي حوالو ڏنو. هن وضاحت ڪئي ته اُسرندڙ مارڪيٽن ۾ ريگيوليٽري وضاحت روايتي مالياتي ادارن کي اهو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو بنيادي بئنڪاري نظام کي نئين سر جوڙڻ ڏيڻ بنا موجوده انفراسٽرڪچر ذريعي ڊجيٽل اثاثن سان ڳنڍجي سگهن. هن والٽ تي ٻَڌل مڊل ويئر ۽ سوئچنگ ٽيڪنالاجيز جي ڪردار تي به روشني وڌي جيڪا بئنڪن کي ايڪسچينجز سان محفوظ انداز ۾ ڳنڍڻ، ليڪويڊيٽي جي انتظام، تعميل کي بهتر بنائڻ ۽ صارفين کي ان جي ڄاتل سڃاتل بئنڪاري ايپس ذريعي ڊجيٽل اثاثن واريون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۽ اسٽيبل ڪوائنز مالياتي انفراسٽرڪچر کي جديد بنائڻ جي غير معمولي صلاحيت رکن ٿا ڇاڪاڻ ته هي تمام تيز، گهٽ لاڳت ۽ وڌيڪ شفاف ڏي وٺ کي ممڪن بڻائين ٿا جڏهن ته ريگيوليٽري نگراني به برقرار رهي ٿي. ان سلسلي ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ تازي قانونسازيءَ جو به حوالو ڏنو ويو جنهن جو مقصد ڊجيٽل اثاثن بابت ضابطه ڪاري خاص ڪري اسٽيبل ڪوائنز ۽ بئنڪاري اندر ڊجيٽل اثاثن جي لاڳو ڪرڻ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. وفد نشاندهي ڪئي ته مختلف ملڪن ۾ نوجوان ۽ ٽيڪنالاجي سان واقف آبادي پهرين ئي ڊجيٽل اثاثن سان ڳنڍيل آهي ۽ بئنڪن ذريعي منظم شموليت ان سرگرميءَ کي رسمي مالياتي نظام اندر برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي رهي آهي. ملاقات ۾ آءِ ڪوائن جي عالمي سرگرمين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ اهڙن ڀائيوارن جا منصوبا شامل آهن جيڪي وڏن صارفين کي ڊجيٽل اثاثن وارين خدمتن تائين پهچ فراهم ڪن ٿا. وفد مقامي ڀائيوارن سان گڏجي پاڪستان ۾ موقعا تلاش ڪرڻ ۾ ڪمپنيءَ جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري رستن، لائسنسنگ جي گهرجن ۽ بئنڪن ۽ ريگيوليٽرز سميت لاڳاپيل ادارن سان رابطا ڪاري جي طريقيڪار بابت رهنمائي طلب ڪئي. ناڻي واري وزير مشورو ڏنو ته جيتوڻيڪ ريگيوليٽري منظرنامو اڃا ارتقائي مرحلي ۾ آهي ان لاءِ دلچسپي رکندڙ بئنڪن ۽ لاڳاپيل ادارن سان شروعاتي سطح تي رابطا قائم ڪرڻ هاڪاري قدم هوندو جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ سميت ريگيوليٽرز سان مسلسل ڳالهيون به جاري رکيون وڃن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڊجيٽل اثاثا جاتي ايڪو نظام جي جوڙجڪ جي شروعات پر اهم مرحلي ۾ آهي، اسان قومي ترجيحن سان هم آهنگ علم جي مٽاسٽا ۽ ذميدارڻي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. ڌُرين گڏيل رابطا برقرار رکڻ، سهڪار جي امڪاني شعبن جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان ۾ شفاف، جامع ۽ بهتر طور تي منظم ڊجيٽل اثاثا جاتي مارڪيٽ جي جوڙجڪ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ڪوائن ٽيڪنالاجي بلاڪ چين انفراسٽرڪچر ڪمپني آهي جيڪا ڪرپٽو ڪرنسيءَ لاءِ جديد هارڊ ويئر والٽ سسٽم تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وفد ۾ ليفٽيننٽ (ر) ٽيري روبلنگ (جيڪو آءِ ڪوائن ٽيڪنالاجي جو صلاحڪار آهي) محمود اظهر جبار چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽيڪس ايڪسس ۽ طارق حفيظ ملڪ چيف ٽيڪنالاجي آفيسر ٽيڪ ايڪسس به شامل هئا.