اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ڊائريڪٽر جنرل ڪسٽمز ۽ پورٽ سيڪيورٽي احمد بن لاحج الفلاسي جي سربراهيءَ ۾ يو اي اي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- يو اي اي ناتن، گڏيل سهڪار ۽ مسافرن لاءِ اميگريشن عمل وڌيڪ آسان بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن …
گهرو وزير محسن نقوي سان اماراتي وفد جي ملاقات، اميگريشن عمل وڌيڪ آسان بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ڊائريڪٽر جنرل ڪسٽمز ۽ پورٽ سيڪيورٽي احمد بن لاحج الفلاسي جي سربراهيءَ ۾ يو اي اي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- يو اي اي ناتن، گڏيل سهڪار ۽ مسافرن لاءِ اميگريشن عمل وڌيڪ آسان بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پري اميگريشن ڪليئرنس جي حوالي سان باضابطه معاهدو ڪيو ويندو. ان نئين نظام جي شروعاتي ابتدائي طور تي پائليٽ بنيادن تي ڪئي ويندي، جڏهن ته پائليٽ منصوبي جي شروعات ڪراچي کان پهرين مرحلي ۾ ڪئي ويندي. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پري اميگريشن ڪليئرنس تحت مسافرن جي اميگريشن ۽ لاڳاپيل ڪليئرنس پاڪستان ۾ ئي مڪمل ڪئي ويندي ۽ ان نظام کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مسافر يو اي اي پهچندا ته کين اميگريشن جي ڊگهي ڪارروائيءَ مان گذرڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هو ڊوميسٽڪ مسافر جيان سڌو ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ايندا. هن چيو ته ان قدم سان سفر ۾ سهولت، وقت جي بچت ۽ مسافرن لاءِ مجموعي تجربو بهتر هوندو. يو اي اي وفد انهن قدمن کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند قرار ڏيندي سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ طئي ٿيو ته پائليٽ منصوبي جي انتظامي ۽ فني معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل عملدار رابطا جاري رکندا ۽ ڪامياب پائليٽ کان پوءِ ان نظام کي ترتيبوار وڌيڪ ماڳن تائين واڌ ڏني ويندي. وفد ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جما عبدالله القابي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايئرپورٽس حماد سيد المشغوني ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا. ملاقات ۾ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري خرم آغا به موجود هئا.










