موسمياتي تبديليءَ باوجود دنيا ان مسئلي تي بيحس، گهٽ ترقيءَ وارن ملڪن تي اُسرندڙ ملڪن جي غير ذميداراڻي ترقيءَ جو بار وڌو پيو وڃي: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ باوجود عالمي سطح تي ان مسئلي بابت بي حسي ڏٺي وڃي ٿي، گهٽ ترقيءَ وارن ملڪن تي اُسرندڙ ملڪن جي غير ذميداراڻي ترقيءَ جو بار وڌو پيو وڃي، اُسرندڙ ملڪ پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اُسرندڙ ملڪن کي اثرائتي مالي …

اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ باوجود عالمي سطح تي ان مسئلي بابت بي حسي ڏٺي وڃي ٿي، گهٽ ترقيءَ وارن ملڪن تي اُسرندڙ ملڪن جي غير ذميداراڻي ترقيءَ جو بار وڌو پيو وڃي، اُسرندڙ ملڪ پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اُسرندڙ ملڪن کي اثرائتي مالي ۽ فني معاونت فراهم ڪن، موسمياتي تبديليءَ جي روشنيءَ ۾ عالمي مالياتي نظام جي فوري تجديد ۽ اصلاح جي ضرورت آهي، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 وڏن ملڪن مان هڪ آهي، گرين هائوس جي نيڪال ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي آفتن سبب ترقياتي وسيلن جي بحاليءَ تي ڪيترائي ڀيرا خرچ ڪرڻو پوي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي/ماحولياتي تبديليءَ کي پرکڻ لاءِ مشاورتي ورڪشاپ کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گرين هائوسز گيسن جي نيڪال ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي آفتن سبب ترقياتي وسيلن تي ڪيئي ڀيرا خرچ ڪرڻو پوندو هو. وفاقي وزير چيو ته سال 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پاڪستان کي اٽڪل 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، ٻوڏ غريب ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ غربت، غذائي کوٽ ۽ مسئلن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي. سندس چوڻ هو ته 2025ع ۾ آيل وڏي ٻوڏ پنجاب جي مختلف علائقن کي سخت متاٿر ڪيو. هن چيو ته سيڙپڪاري کي موسمياتي اثرن کان محفوظ بنائڻ لاءِ نئون پراجيڪٽ گائيڊ لائنز تيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سخت گرمي جي لهر ۽ موسمي شدت هاڻ پاڪستان لاءِ نئون معمول آهي. هن چيو ته اُسرندڙ ملڪ پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اُسرندڙ ملڪن کي مؤثر مالي ۽ فني معاونت فراهم ڪن. وفاقي وزير چيو ته هي ورڪشاپ پاليسيءَ سان عملدرآمد طرف اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ معاشي ۽ فني جاچ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. پي ايس ڊي پي ۾ موسمياتي لچڪ کي شامل ڪرڻ لاءِ رٿابندي جي نظام ۾ سڌارا جاري آهن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ماحولياتي اُڏام پاڪستان جي فائيو ايز جو بنيادي ٿنڀ آهي.