اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته معزز اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت، ڪجهه شين جي نشاندهي ڪئي، ان تي سنجيدگي سان ڪارروائي ڪئي وئي. هن وقت به اين سي سي اي جا اعليٰ آفيسر معطلي کانپوءِ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پئسا وٺڻ جي معاملي ۾ پوليس اهلڪار به حراست هيٺ آهن. قومي اسيمبلي ۾ شير افضل مروت جي …
شير افضل مروت جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-13 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته معزز اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت، ڪجهه شين جي نشاندهي ڪئي، ان تي سنجيدگي سان ڪارروائي ڪئي وئي. هن وقت به اين سي سي اي جا اعليٰ آفيسر معطلي کانپوءِ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پئسا وٺڻ جي معاملي ۾ پوليس اهلڪار به حراست هيٺ آهن. قومي اسيمبلي ۾ شير افضل مروت جي اعتراض واري نڪتي تي وضاحت ڪندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته شير افضل مروت جن شين جي نشاندهي ڪئي، ان تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ساڳئي طرح اين سي سي اي جي اعليٰ آفيسرن کي معطل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال تي زيرو ٽارلرنس آهي.











