فيصل ڪريم ڪنڊي سان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي ۾ زخمي ٿيل شاگردن جي وفد جي ملاقات

پشاور-13 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اڱاري ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي ۾ زخمي ٿيل شاگردن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد جي قيادت محمد عثمان ڪري رهيو هو. ملاقات دوران گورنر، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي کي هڪ ناقابل فراموش ۽ دلخراش واقعو قرار ڏيندي چيو ته پوري قوم اڄ به ان سانحي جي …

پشاور-13 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اڱاري ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي ۾ زخمي ٿيل شاگردن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد جي قيادت محمد عثمان ڪري رهيو هو. ملاقات دوران گورنر، آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي کي هڪ ناقابل فراموش ۽ دلخراش واقعو قرار ڏيندي چيو ته پوري قوم اڄ به ان سانحي جي شهيدن ۽ زخمين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن سانحي ۾ زخمي ٿيل نوجوانن جي بهادري، حوصلي ۽ مشڪل حالتن جو جرئت مندي سان مقابلو ڪرڻ تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اهي نوجوان قوم جا فخر آهن ۽ انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. وفد، ملاقات دوران پنهنجي درپيش مسئلن مان گورنر کي آگاهه ڪيو. گورنر، وفد جي ڳالهه غور سان ٻڌندي مسئلن جي حل ۾ مڪمل سهڪار ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته حڪومت زخمي شاگردن جي فلاح و بهبود ۽ مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم جاري رکندي.