اسلام آباد - 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فائيو جي سميت جديد نيٽ ورڪس ۾ ”ايرڪسن“ جي عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کي اجاگر ڪندي قومي ضرورتن موجب محفوظ ۽ پائيدار آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي ترقي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري سوئيڊش ٽيلي ڪميونيڪشن …
وزيراعظم شهباز شريف سان ايرڪسن جي وفد جي ملاقات، فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي سميت آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتري لاءِ حڪومتي ڪوششن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فائيو جي سميت جديد نيٽ ورڪس ۾ ”ايرڪسن“ جي عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کي اجاگر ڪندي قومي ضرورتن موجب محفوظ ۽ پائيدار آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي ترقي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري سوئيڊش ٽيلي ڪميونيڪشن ڪمپني ايرڪسن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جو صدر ۽ مارڪيٽ ايريا يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا جو سربراهه پيٽرڪ جوهانسن ڪري رهيو هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ ايرڪسن جي 6 ڏهاڪن تي ٻڌل سيڙپڪاري ۽ ملڪ جي ٽيلي ڪميونيڪشن سيڪٽر جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ اقتصادي ترقي، پيداواري صلاحيت ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ نيڪسٽ جنريشن ڊيجيٽل ڪميونيڪشن جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم فائيو جي سميت جديد نيٽ ورڪس ۾ ايرڪسن جي عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کي اجاگر ڪيو ۽ قومي ضرورتن موجب محفوظ ۽ پائيدار آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي ترقي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ڊيجيٽل مهارتن جي ترقي، مالي شموليت ۽ ڪيش ليس ادائيگي جي نظام جي توسيع سان گڏوگڏ قدرتي آفتن جي لاءِ تياري ۽ اداراجاتي تياري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي حمايت جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايرڪسن جي وفد فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي سميت ملڪ جي آءِ ٽي انفراسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.











